Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

تفسير صِراطُ الجنان ۾ هن آيت جي حوالي سان فرمايو ويو: الله پاڪ انجير، زيتون، طُورِ سينا ۽ شهرِ مڪه جو قسم ذڪر ڪري فرمايو ته بيشڪ اسان انسان کي سڀ کان سٺي شڪل ۽ صورت ۾ پيدا ڪيو، هن جي عضوئن ۾ مناسبت رکي، هن کي جانورن جيان جھڪيل نه، بلڪ سڌي بيهڪ وارو بڻايو، هن کي جانورن جيان وات سان پڪڙي نه بلڪ پنهنجي هٿن سان پڪڙي کائڻ وارو بڻايو آهي، هن کي علم، فهم، عقل، تميز ۽ ڳالهيون ڪرڻ جي صلاحيت سان نوازيو۔([1])

الله پاڪ جي معرفت حاصل ڪرڻ جو ذريعو

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن انسان الله پاڪ جي ٻي مخلوقات کي سامهون رکندي پنهنجي تخليق ۾ غور ڪري ته ان تي روشن ڏينهن جيان واضح ٿي ويندو ته الله پاڪ ان کي حُسنِ صوري ۽ حُسنِ معنوي جون ڪهڙيون ڪهڙيون عظيم نعمتون عطا ڪيون آهن، ۽ هن شيء ۾ جيترو گھڻو غور ڪيو وڃي ايتري ئي وڌيڪ الله پاڪ جي عظمت ۽ قدرت جي معرفت حاصل ٿيندي ويندي، ۽ ان عظيم نعمت کي تمام چڱي نموني سمجھي ويندو۔ ([2])

پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ انداز

حضرت عبد الله بِن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنۡه وڏي عاليشان رُتبي وارا صحابي آهن، سندن کڙيون سنهيون هيون، هڪ ڀيري پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه مِسواڪ پَٽڻ جي لاءِ وڻ تي چڙھيا ته اوچتو هوا هلڻ سبب ڪپڙو هٽي ويو ۽ سندن کڙيون نظر آيون، اتي موجود ماڻهن جي نظر سندن مبارڪ کڙين تي پئي ته ماڻهو کلڻ لڳا، هن تي


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:30، سورۃ التین، زیرآیت:4، جلد:10، صفحہ:755۔

[2]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:30، سورۃ التین، زیرآیت:4، جلد:10، صفحہ:755۔