Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

محروم نه ٿيندو ڇوته الله پاڪ ارشاد فرمايو آهي: وَہُوَ الَّذِیْ یَقْبَلُ التَّوْبَۃَ عَنْ عِبَادِهٖ ۽ اهو ئي آهي جيڪو پنهنجي ٻانهن کان توبه قبول فرمائي ٿو۔([1])

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

”اَلحَمدُ لله“ چوڻ جي عادَت بڻايو...!

پيارا اسلامي ڀائرو! اِحسَاسِ ڪمتري کان بچڻ جو تمام سولو حل آهي ته اسان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چوڻ جي عادت بڻايون۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چوڻ الله پاڪ جو شُڪر آهي ۽ اُن کي سڀ کان اَفضَل شڪر قرار ڏنو ويو آهي۔ ڪا به ڀلائي مِلي، ان جي دُعا آهي: اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!۔ جيڪڏهن اسان صبح کان شام تائين صِرف اهو غور ڪيون ته منهنجي زِندگي ۾ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چوڻ جا ڪيترا موقعا آهن، شايد اسان انهن کي به شُمار نه ڪري سگھون * صبح اک کلي، اها به نعمت آهي، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئو * بستر کان اٿڻ جي لائق ٿيؤ، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئو * پير سلامت آهن، جوتا پائڻ لائق آهن، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئو * بيهڻ جي لائق آهيون، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئو * گوڏا چُري رهيا آهن يعني هلڻ لائق آهن، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئو *ڪم جي لاءِ نڪتؤ، الله پاڪ توفيق بخشي آهي ته نڪتا آهيون، لهٰذا اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئو * شام جو گھر پهچي وياسين، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئو * ٻارن کي ڏٺو، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئو * پاڻي پيتو ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  * ماني کاڌي  ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  * چانھ پيتي ته اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!۔

ايئن اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چوڻ جي عادَت اپنايو۔ جيڪڏهن اسان صِرف اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چوڻ جا موقعا سوچندا وڃون ۽ انهن موقعن تي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چوڻ جي عادت به اپنائي وٺون ته اِنْ شَآءَ الله الْکَرِیْم! پنهنجي مَحرُومي بابت سوچڻ جو وقت ئي نه ملي سگھندو۔


 

 



[1]...درمنثور، پارہ:13، سورۃ ابراہیم ، زیر آیت:7، جلد:5، صفحہ:9۔