Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

”الحمد لله“ چوڻ جو هڪ زبردست فائدو

الله پاڪ جي فضل سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  اهو پيارو جملو آهي، جيڪو زبان تي بعد ۾ ايندو آهي، ان کان پهريان چپن تي مُرڪ اچي ويندي آهي۔ جي ها! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه چوڻ جي تقاضا آهي ته ماڻهو مرڪي چوي۔ اوهان ڪڏهن نه ڏٺو هوندو ته ڪنهن روئيندي اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چيو هجي، شايد ڪڏهن ايئن ٿيو هجي جو ماڻهو جي چهري جو رنگ بدليل هجي ۽ هو زبان سان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چئي رهيو هجي۔ عُموماً ماڻهو جڏهن به اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چوندا آهن ته مرڪندي چوندا آهن، جيڪڏهن اسان اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!  چوڻ جي عادت بنائي وٺون! اِنْ شَآءَ الله الْکَرِیْم! نيڪيون به ملنديون، چهري تي مُرڪ به رهندي ۽ الله پاڪ چاهيو ته اِحسَاسِ ڪمتري کان به نجات ملي ويندي۔

”الحمد لله“ چوڻ جون فضيلتون

* هڪ ڀيري الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان کي فرمايائون: ڍالُون (يعني دُشمن جي وار کان بچڻ جي لاءِ استعمال ٿيندڙ هٿيار) کڻي وٺو! صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! ڇا دُشمن حملو ڪري ورتو آهي؟ فرمايائون: نه (دُشمن حملو ناهي ڪيو) بلڪه جهنم جي مقابلي ۾ پنهنجون ڍالون کڻو ۽ سُبْحٰنَ اللہِ وَالْحَمْدُللہِ وَاللہ ُاَکْبَرْ پڙھو ڇوته هي جملا قيامت جي ڏينهن اڳيان ۽ پويان کان توهان جي حفاظت ڪندا.([1]) * اسان جي پياري نبي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضوَان کي فرمايو: ڇا توهان مان ڪو روزانو اُحد جبل جي برابر عمل جي طاقت رکي ٿو؟ عرض ڪيو ويو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! روزانو


 

 



[1]...مستدرک علی الصحیحین، کتاب:الدعاوالتکبیر، جلد:2، صفحہ:235، حدیث:2029۔