Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

خُدا نے آج تک اُس قوم کی حالت نہیں بدلی                نہ ہو جس کو خیال آپ اپنی حالت کے بدلنے کا

الله پاڪ اسان کي محنتي، شڪر گذار، ۽ پنهنجي رضا تي راضِي رهندڙ بڻائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                                                                          صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم:  اسلامي ڀائرن جا مدرسة المدينه

پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم سان محبت ڪرڻ جي لاءِ، قرآنِ ڪريم جي تلاوت جو ذهن بنائڻ جي لاءِ، قرآنِ ڪريم کي سمجھڻ جي لاءِ، قرآنِ ڪريم تي عمل ڪرڻ جو جذبو ماڻڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دِين ۽ دُنيا جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ دعوتِ اسلامي جي ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: اسلامي ڀائرن جا مدرسة المدينه۔

اَلحَمْدُ لله! دعوتِ اسلامي جي حوالي سان مسجدن ۾، اسڪول ۽ ڪاليج ۽ مارڪيٽن وغيره ۾ لڳڻ وارن مدارِسُ المدينه ۾ اسلامي ڀائرن کي تجويد سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ سيکاريو ويندو آهي ۽ گڏوگڏ بنيادي ضروري اَحڪام ۽ مَسَائل ۽ سنتون ۽ آداب به سکاريا ويندا آهن۔

فيشن پرست سُنتن جو عامِل بڻجي ويو

بلوچستان جي رهواسي هڪ اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خُلاصو آهي: دعوت