Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

مشڪل ٿي ويندو۔

ڪنهن جو مذاق نه اُڏايو...!!

قربان وڃو! اسلام جي روشن تعليمات تي جو اسلام اِحسَاسِ ڪمتري پيدا ڪرڻ وارين هنن شين کان پهريان ئي منع فرمائي ڇڏيو، الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:

یٰۤاَیُّهَا الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا لَا یَسْخَرْ قَوْمٌ مِّنْ قَوْمٍ عَسٰۤى اَنْ یَّكُوْنُوْا خَیْرًا مِّنْهُمْ  (پاره:26،سورۃالحجرات:11)

ترجمو ڪنزُالعِرفان: اي ايمان وارؤ! مرد ٻين مَردن تي نه کلن. ٿي سگهي ٿو ته اُهي انهن کلڻ وارن کان بهتر هجن.

اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ليسَ المؤمنُ  بالطَّعّانِ ولا اللَّعّانِ ولا الفاحشِ ولا البَذیِّ مؤمن طعنو ڏيڻ وارو ناهي هوندو، نه لعنت ڪرڻ وارو هوندو آهي، نه فُحش گفتگو ڪرڻ وارو هوندو آهي، نه مذاق مسخري ڪرڻ وارو هوندو آهي۔([1])

اي عاشقانِ رسول! هي به ياد رهي ته انسان کي ڪنهن انسان ناهي بڻايو، بلڪ انسان کي تمام جهانن جي خالق ۽ مالڪ، الله پاڪ پيدا ڪيو آهي، انسان جي پيدائش ڪيئن آهي؟ اچو هن بابت آيت سڳوري ٻڌون ٿا، سيپاري 30، سُورت وَالتّين، آيت نمبر 4 ۾ آهي:

لَقَدْ خَلَقْنَا الْاِنْسَانَ فِیْۤ اَحْسَنِ تَقْوِیْمٍ٘(۴)  

ترجمو ڪنزُالعِرفان: بيشڪ يقيناً اسان انسان کي سڀ کان سُٺي صورت ۾ پيدا ڪيو.


 

 



[1]...ترمذی، کتاب:البروالصلۃ، باب:ماجاءفی اللَعْنَۃ، صفحہ:481، حدیث:1977۔