Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

عَمَل ۾ وڏو رُتبو حاصِل ڪيائون۔ مُحَدِّثِ اعظم پاڪستان رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مزار مبارڪ پنجاب جي شهر فيصل آباد ۾ آهي۔([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! مَعلُوم ٿيو؛ جنهن جي جهڙي فطرت (هوندي) آهي، ان کي اهڙا ئي اَسباب مُيسَّر اچي ويندا آهن، لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان ٻين سان پنهنجي ڀيٽ (Comparison) نه ڪيون بلڪ پنهنجي صلاحيتن کي سڃاڻون، هن دُنيا ۾ پنهنجي جُدا اَهميت کي سمجھون ۽ ان جي مُطَابق اڳتي وڌڻ جي ڪوشش ڪيون۔ جيڪڏهن اسان پاڻ کي سڃاڻي وٺنداسين، پنهنجي صلاحيتن کي سمجهي وٺنداسين ته اِن شَآءَ الله الڪرِيم! احساسِ ڪمتري کان بچي وينداسين۔ الله پاڪ اسان کي عَمَل جي توفيق عطا فرمائي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

3-محنتي بڻجي وڃو...!

 اي عاشقانِ رسول! اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيڻ جو ٽيون وڏو سبب خُوش فهمي آهي۔ اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيندڙ اَڪثَر ماڻهو بهاني باز هوندا آهن، هو چاهيندي يا نه چاهيندي پنهنجي سُستي ۽ ڪاهلي جي سامهون اِحسَاسِ ڪمتري جي آڙ وٺندا آهن، يعني حقيقت ۾ هو پُوري طرح محنت نه ڪري رهيا هوندا آهن، جڏهن محنت ناهن ڪندا ته ظاهر آهي انهن کي ڪاميابي به ناهي ملندي، جڏهن ڪاميابي ناهي ملندي ته اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي ويندا آهن، اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ڪيئي ماڻهو اهو چوندي ٻڌا وڃن ٿا: جناب! مون گھڻي محنت ڪئي پر مون کي اهو مقام نه مليو، جنهن جو مان اَهل هئس۔ اهڙا ماڻهو جهڙي محنت ڪندا آهن. ان جو جيڪڏهن باريڪ نگاھ


 

 



[1]...حیاتِ مُحدِّث اعظم، صفحہ:33-34۔