Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

واقعا آهن ته هڪ وقت جو کائي ورتو، هاڻي جيڪو بچيو اهو صدقو خيرات ڪري ڇڏيائون، ٻي وقت جي ماني ملڻ جو ڪو ظاهري سبب نه هوندو هو، اهي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها تَوَڪل ڪندا هئا، الله پاڪ تي ڀروسو ڪندا هئا، جيڪڏهن انسان کي نقل ڪرڻي آهي ته اهڙن ماڻهن جي نقل ڪري۔ ڪاش! انهن نيڪ ماڻهن جي قدمن جي مٽي اسان کي ملي وڃي، اسان جو به الله پاڪ جي بارگاھ  ۾ ڪو مقام مرتبو ٿي وڃي۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

اِحسَاسِ ڪمتري کان بچڻ جا 3 طريقا

اي عاشقانِ رسول! عِلمِ نفسيات جي ماهرن مُطَابق اِحسَاسِ ڪمتري پاڻ ڪا شيء ناهي، هي محض هڪ اِحسَاس آهي۔ جيڪو شخص اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار ٿيندو آهي، اهو اَصل ۾ 3 يا انهن 3 مان ڪنهن هڪ نفسياتي مَرض جو شِڪار ٿيندو آهي، اُن ڪري هو اِحسَاسِ ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي۔ اهي 3 نفسياتي بيماريون هي آهن: (1):ناشُڪري (2): Aimlessness (يعني زِندگي جو ڪو واضِح مقصد نه هئڻ) (3): خُوش فهمي۔

1-شڪر گذار بڻجي وڃو...!

جيڪي ماڻهو اِحسَاسِ مَحرُومي جا شِڪار ٿي ويندا آهن، اهي ڪنهن نه ڪنهن حد تائين پنهنجو پاڻ کان بدگمان هوندا آهن، انهن کي لڳندو آهي ته مون کي ته ڪجھ نه مِليو آهي، منهنجي قسمت ۾ ته رڳو مَحرُوميون ئي مَحرُوميون آهن، جڏهن ته ايئن ناهي هوندو، الله پاڪ هر هڪ کي نعمتن سان نوازيو آهي، دُنيا ۾ ڪو هڪ انسان به اهڙو نه آهي جنهن کي بيشُمار نعمتون نه مليون هجن، فرض ڪيو جيڪڏهن ڪو انڌو هجي، منڊو هجي، گونگو هجي، غريب