Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

خُود اعتمادي گهٽجي ويندي آهي ۽ اهي احساسِ ڪمتري جو شِڪار ٿي ويندا آهن * دوست احباب جڏهن گڏجي ڪچهري ڪندا آهن ته ڪنهن هڪ جي بيعزتي ڪرڻ شروع ڪندا آهن، ان تي مختلف جملا چئي ٽهڪ ڏئي لطف اندوز ٿي رهيا هوندا آهن، انهن کي هن ڳالھ جو اِحسَاس ئي ناهي ٿيندو ته اسان جو دوست جيڪو بظاهر هلڪو هلڪو مرڪي رهيو آهي، ان جي دِل تي ڇا گذري رهي آهي؟ هن طرح عزّتِ نفس پامال ٿيندي آهي ۽ سامهون وارو ڪڏهن احساسِ ڪمتري جو به شڪار ٿي ويندو آهي * بيواھ عورت کي جڏهن طعنا ڏنا ويندا آهن * جنهن وٽ اَولاد نه آهي، ان کي گھٽ وڌ چيو ويندو آهي * پنهنجن ٻارن کي اعليٰ کان اعليٰ شيون آڻي ڏيڻ وارا جڏهن يتيم جي مٿي تي هٿ ناهن رکندا * يتيم کي معاشري ۾ بي سهارو ڇڏيو ويندو آهي ته اهي رويا سامهون واري ۾ اِحسَاسِ ڪمتري پيدا ٿيڻ جو سبب بڻجندا آهن ۔

15 سال جي عمر ۾ وار سفيد ٿي ويا...!

* 8 رمضان المبارڪ، 1440هجري تي عالمي مدني مرڪز فيضانِ مدينه ۾ عصر جي نماز کان بعد مدني مذاڪري جو سلسلو هو، هڪ اسلامي ڀاءُ ڪال ڪري شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه جي خِدمت ۾ سُوال ڪيو: منهنجي عمر 15 سال آهي، منهنجي مٿي جا وار اڇا ٿي ويا آهن، مان ڪٿي ويندو آهيان ته ماڻهو منهنجو مذاق اُڏائيندا آهن.

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڏسو! ماڻهو ڪهڙيون ڪهڙيون ٺٺولون  ڪن ٿا!! شايد اهو اسلامي ڀاءُ به ماڻهن جي مذاق مسخري جي ڪري اِحسَاسِ ڪمتري جو شِڪار هو، شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَت بَرَکاتُهمُ العَالِيه ان کي سمجھائيندي فرمايو: الله پاڪ جي مرضِي آهي، الله پاڪ جي رِضا ۾ راضِي رهو، دِل تي نه وٺو، دِل تي وٺندا ته اوهان اِحساسِ مَحرُومي جو شڪار ٿي ويندؤ ۽ اڳتي ترقي ڪرڻ