Book Name:Ehsas e Kamtari Ki Chand Wajohat o Ilaj

اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿيڻ کان پهريان مان تمام گھڻو فيشن پرست هئس، چهري تي ڏاڙھي نه هئي، نه مٿي تي عمامي شريف جو تاج هو، سنّتن ڀري راھ کان پري دُنيا جي محبت ۾ گم ٿي پنهنجي قيمتي زندگي کي بي عملي ۽ جهالت جي اونداهين ۾ گذاري رهيو هئس۔ منهنجي زندگي ۾ روشني جو ڪرڻو هن طرح چمڪيو جو هڪ ڏينهن دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءَ منهنجو تجويد سان قرآن پاڪ پڙھڻ جو ذهن ٺاهيو، نماز عشاء کان بعد لڳندڙ اسلامي ڀائرن جي مدرسة المدينه ۾ شرڪت جي دعوت پيش ڪئي، مون ان جي نيڪي جي دعوت کي قبول ڪري ورتو ۽ اسلامي ڀائرن جي مدرسة المدينه ۾ شرڪت ڪرڻ لڳس، الحمد لله! هن جي برڪت سان مون تجويد سان قرآن ڪريم سکي ورتو ۽ فيشن پرستي ڇڏي سنّتن جو عامل بڻجي ويس۔

یہی ہے آرزُو تعلیمِ قرآں عام ہو جائے                                      تلاوت کرنا صُبح وشام میرا کام  ہو جائے

صَــلُّـوْا  عَـلَـی   الْـحَبِيْـب!                                                                                          صَـلَّـی اللهُ   عَلـٰی   مُـحَـمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعَادت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شهنشاھ نبوت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔([1])

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!     جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا


 

 



[1]...مشکوٰۃ،کتابُ:الْاِیمان،بابُ:الْاِعْتِصَام، جلد:1، صفحہ:55، حدیث:175۔