Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

پٽ بيمار هيو ئي، ان سان گڏوگڏ حضرت ابوطلحه انصاري رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ پٽ جي غم  ۾ بيحال ٿي رهيا هئا پر قربان وڃو! صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُم جي نيڪي سان محبت صد مرحبا..!! گهر ۾ پٽ  بيمار هيو، ان جي باوجود حضرت ابو طلحه انصاري رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ پنج ئي نمازون مسجد ۾ باجماعت ادا  ڪندا هئا. سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار جي درس ۾ شريڪ ٿيندا، قرآن ڪريم سکندا، احاديث مبارڪه پابندي سان ٻڌندا هئا، مطلب ته پٽ جي بيمار هجڻ ۽ ان جو شديد صدمو هجڻ جي باوجود سندن ديني مصروفيتن ۾ ڪابه ڪمي نه آئي.

هڪ ڀيري حضرت ابوطلحه رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ مسجد ۾ هئا ته سندن پٽ جو وصال ٿيو.

 * هڪ نابين صحابي هيو، اکين جي نعمت مُيسر نه هئي. ڪو ماڻهو به نه هيو جو جنهن جو هٿ پڪڙي مسجد ويندو ڪري، رات جو اونداھ به هوندي هئي، رستي ۾ نانگ وڇون وغيره جي نقصان پڄائڻ جو خطرو به هو، ان جي باوجود پاڻ مسجد سان اهڙي محبت رکندا هئا جو پنج ئي نمازون مسجد جي ۾ حاضر ٿي باجماعت ادا ڪندا هئا.[1] * منهنجا آقا اعلي حضرت امام اهل سنت، امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه به مسجد کان تمام گهڻي محبت فرمائيندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه سخت بيمار ٿي پيا، ايترو ته سخت بيمار ٿيا جو پاڻ وصيّت نامو به لکرائي ڇڏيو پر ان جي باوجود اهڙو باڪمال ايماني جذبو هيو جو بيماري جي ڏينهن به تمام نمازون مسجد ۾ وڃي باجماعت ادا ڪندا هئا. پاڻ ڪرسي تي ويهندا هئا ۽ 4 ماڻهو مسجد کڻي ويندا هئا.[2] اهڙي طرح مفتي  امجد علي اعظمي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه آخري وقت تائين مسجد سان وابسته رهيا، آخري عمر ۾ سندن نظر ڪمزور ٿي وئي هئي، ان جي باوجود پنج ئي نمازون مسجد ۾ وڃي ادا ڪندا هئا. ايستائين جو فجر جي وقت رستي ۾ اونداھ هوندي هئي،


 

 



[1] ابو داؤد،کتاب الصلاۃ ،باب فی الشدید فی ترک الجماعۃ ،صفحہ:101 ،حدیث:552 ماخوذًا۔

[2] فتاویٰ رضویہ،جلد:9 ،صفحہ:547 بتغیر  قلیل۔