Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  پنهنجي لاءِ ڪو مڪان بڻايو ئي نه هيو، هڪ ڀيري ڪنهن پاڻ کان پڇيو: اي الله پاڪ جا نبي عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ! اوهان جو گهر ڪهڙو آهي؟ فرمايائون: مسجد منهنجو گهر آهي.[1]

سُبْحٰنَ اللہ!  هي آهي انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام  جو مبارڪ ڪردار..!! هن مان معلوم ٿيو ته. هڪ اسلامي معاشري جو اهم ترين بلڪه بنيادي مرڪز مسجد آهي. * مسجد اسلام جي سڃاڻپ آهي. * دين جي علامت آهي. * ۽ هڪ مسلم معاشري جي عزت ۽ وقار جو بلند ترين مينار آهي.

زمين جو بهترين ٽڪرو

پيارا اسلامي ڀائرو! مسجد جي اهميت جو اندازو هن ڳالھ مان لڳايو ته مسجد کي زمين جو سڀني کان بهترين حصو قرار ڏنو ويو آهي. هونئن سڄي زمين الله پاڪ جي آهي، سڄي زمين جو خالق، ستن ئي آسمانن جو خالق ربّ تعالي ئي آهي پر زمين جو اهو ٽڪرو جنهن کي مسجد جي لاءِ خاص ڪيو ويو هجي، ان سرزمين جي شان ئي نرالي آهي. صحابي رسول حضرت انس بن مالڪ
رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري جبريل اَمين عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم بارگاھِ رسالت ۾ حاضر ٿيو ته رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي فرمايو: اَیُّ البقاعِ خَیْرٌ يعني اي جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم! زمين جو ڪهڙُو حصو بهتر آهي؟ حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم عرض ڪيو: لَا اَدْرِی يعني يارسول الله( صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ) مان نٿو ڄاڻان. فرمايائون: پوءِ الله ڪريم سان ان جي باري ۾ سوال ڪر! معلوم ڪيو ته زمين جو ڪهڙو حصو بهتر ۽ پسنديده آهي.


 

 



[1] مصنف ابنِ ابی شیبہ،کتاب الزہد ،باب ما قالوا فی البکاء من...الخ،جلد:8 ،صفحہ:321،حدیث:187۔