Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
نه اچي۔“[1] ۽ فرمايائون؛ ”جيڪڏهن کائڻ ئي چاهيو ته پچائي ان جي بوءِ ختم ڪريو۔“ [2]
اعلي حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مسجد ۾ مٽي جو تيل ساڙڻ حرام، مسجد ۾ ڏيئو ٻارڻ حرام، ايستائين جو حديث پاڪ ۾ آهي: مسجد ۾ ڪچو گوشت کڻي وڃڻ به ناجائز آهي.[3] حالانڪ ڪچي گوشت جي بُو نهايت هلڪي هوندي آهي.[4]
* انهي طرح ميرو لباس پائي مسجد ۾ نه اچڻ گهرجي، ان مان به بعض اوقات بدبو اچي رهي هوندي آهي. هونئن به ميرا ڪپڙا پائي مسجد ۾ وڃڻ هڪ باادب انسان کي سونهي نٿو. اسان ٿورو غور ڪيون، اسان جڏهن صبح آفيس ويندا آهيون، شادي مرادي ۾ شرڪت ٿيندي آهي، ڪنهن وڏي آفيسر وٽ وڃڻو هوندو آهي ته اسان ڪهڙو لباس پائي ويندا آهيون پر افسوس! جڏهن پنهنجي پاڪ پروردگار جي بلند بارگاھ ۾ حاضري ٿيندي آهي، ان وقت اسان تيار ٿيڻ ۽ سٺو لباس پائڻ جو فڪر ئي ناهيون ڪندا.
* انهي طرح ننڍن ناسمجھ ٻارن کي مسجد ۾ کڻي اچڻ به مسجد جي احترام جي خلاف ۽ ناجائز آهي. حديث شريف ۾ آهي: مسجدن کي ٻارن ۽ چرين ۽ خريد و فروخت ۽ لڙائي جهڳڙي ۽ آواز بلند ڪرڻ کان بچايو.[5]