Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
ڏسڻ به گهٽ ايندو هيو، ان جي باوجود پاڻ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مسجد وڃڻ کان نه رڪيا، فجر جي نماز به مسجد ۾ باجماعت ادا ڪندا هئا.[1]
سُبْحٰنَ اللہ! اندازو ڪيو! هي ڪهڙو عظيم الشان جذبو آهي، مسجد سان ڪهڙي ته حَسِين محبت آهي، اسان پنهنجو به حال ڏسون، اسان جي مٿي ۾ ٿورو سور ٿي پئي، ٿورو بخار اچي وڃي ته مسجد جي حاضري کان محروم ٿي ويندا آهيون بلڪه ڪيترا ته اهڙا آهن جيڪي معمولي بخار وغيره جي سبب نمازون به قضا ڪري ڇڏيندا هوندا، بازار وڃڻو پئجي ويو، نوڪري تي آهن، ڪو ڪم ياد اچي ويو ته مسجد جي حاضري کان موڪل ڪندا آهن، باجماعت نماز جي صورت ۾ 27 نمازن جو جيڪو ثواب ملندو آهي ان کان به محروم ٿي ويندا آهن. الله پاڪ اسان جي حال تي رحم فرمائي. ڪاش! اسان کي به مسجد سان گهري محبت ۽ وابستگي نصيب ٿي وڃي.
مسجِدیں آباد ہوں اور سنّتیں بھی عام ہوں! فیض کا دریا بہا دو سرورا داتا پیا([2])
* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو ٻانهو مسجد ۾ وڃي باجماعت نماز ادا ڪندو آهي، مسجد ۾ ويندي ۽ ايندي وقت ان جي هر وک تي هڪ گناھ معاف ٿيندو آهي ۽ هڪ نيڪي لکي ويندي آهي.[3] * بخاري مسلم جي حديث آهي: قيامت جي ڏينهن 7 قسم جا ماڻهو عرش الٰهي جي ڇانو ۾ هوندا، انهن مان هڪ اهو به هوندو جنهن جي دل ۾ مسجد ۾ لڳل رهندي آهي.[4]