Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
هڪ ٻي ايمان تازو ڪندڙ حديث شريف ٻڌو! پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جهڙي طرح ڪو شخص وڃائجي وڃي (ان جا گهر وارا ان کي تلاش ڪندا وتن پر ان جو ڪٿي ڏس پتو نه پوي، پوءِ ڪافي عرصي کان بعد اوچتو اهو وڃايل شخص گهر واپس اچي ته) جيتري خوشي ان گهر وارن کي ٿيندي آهي، الله پاڪ ان ٻانهي کان اوترو ئي خوش ٿيندو آهي جيڪو مسجد کي ذڪرو نماز جي لاءِ پنهنجو گهر بڻائي وٺندو آهي.[1] الله پاڪ اسان کي مسجد جي محبت نصيب فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جا بُزرگانِ دين، صحابه، تابعين ۽ ٻين نيڪ ماڻهن جي سيرت پڙهو ته خبر پوندي ته هي الله وارا مسجدن سان ڪهڙي وابستگي ۽ محبت رکندا هئا. اچو! هن جي متعلق الله وارن جون 4 مبارڪ عادتون ٻڌون ٿا:
(1)پهرين عادت: گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ
الله وارن جي مبارڪ عادت هئي ته هي حضرات پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ پسند ڪندا هئا بلڪ امام شعراني رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکيو آهي ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها مسجد جي قريب گهر بڻائڻ کي پسند ڪندا هئا ته جيئن مسجد ۾ وڃڻ ۽ وڌ کان وڌ وقت مسجد ۾ گذارڻ ۾ آساني رهي. حضرت عطاء بن رباح رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه 40 سال تائين مسجد کي پنهنجو گهر بڻائي رکيو(يعني مسجد ئي ۾ رهيا، بلاضرورت مسجد کان نڪرندا ئي نه هئا) حضرت مالڪ بن دينار رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه (کي مسجد سان اهڙي محبت هئي جو) فرمائيندا هئا: جيڪڏهن طبعي