Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

هي ٻڌي (بارگاھِ الٰهي جي آداب جو خيال ڪندي) حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم روئي ڏنو ۽ عرض ڪيو: يارسول الله  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! مون کي ڪٿي ايترو حق جو مان الله پاڪ کان ڪجھ پڇان، اهو جيڪو چاهيندو آهي، اسان کي علم عطا فرمائيندو آهي. پوءِ حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم آسمانن ۾ ويا، ڪجھ دير کان بعد واپس اچي عرض ڪيو: خَیْرُ الْبُقَاعِ اَلْمَسَاجِدُ بُیُوتُ اللہ فِی الْاَرْضِ يعني يارسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! زمين جو سڀني کان بهترين حصو مسجدون آهن، هي زمين الله پاڪ جا گهر آهن.

رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وري پڇيو: اَیُّ البُقَاعِ شَرٌّ يعني اي جبريل! زمين جو بدترين حصو ڪهڙو آهي؟ حضرت جبريل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  وري آسمان تي ويو، ڪجھ دير کان بعد واپس اچي ڪري عرض ڪيو: شَرُّ البُقَاعِ اَلْاَسْوَاقُ زمين جو بدترين حصو بازارون آهن. [1]

حڪيم الامت مفتي احمديارخان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه انهيءَ مفهوم جي هڪ حديث پاڪ جي شرح ۾ لکن ٿا: مسجدن ۾ اڪثر ذڪرالله(مثلاً، نماز، جماعت، خطبو، بيان ڪرڻ ٻڌڻ وغيره) جي لاءِ حاضري ٿيندي آحي ۽ بازرن ۾ اڪثر ڪوڙ، فريب، غيبت وغيره (گناھ وڌيڪ هوندا آهن، انهي ڪري مسجدون بهترين مقام آهن ۽ بازار زمين جو بدترين حصو آهي.)[2]

اولياءِ ڪرام ۽ مسجدن جي تعمير

اي عاشقانِ رسول! اي عاشقانِ انبياء و اولياء! مسجد بڻائڻ جهڙي انبياءِ ڪرام جي مبارڪ سُنت آهي، ايئن ئي اولياءِ ڪرام جو مبارڪ طريقو به آهي. الحمدلله! اولياءِ ڪرام جو به اهوئي انداز رهيو آهي ته جتي تشريف وٺي ويندا


 

 



[1] معجمِ اوسط،جلد:5 ،صفحہ:223 ،حدیث:7140۔

[2] مرآۃ المناجیح ،جلد:1 ،صفحہ:433۔