Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

ڪرايو پر نشي جي عادت ختم ڪانه ٿي سگهي، ٻين گُناهن جي دلدل ۾ به ڦاٿل هو، شادي کان پوءِ گھرواريء ۽ ٻار به ان جي ڪري پريشان رهندا هئا، ڪنهن نموني رَبِيع الاوّل ۾ عالمي مدني مرڪز فيضان مدينه ڪراچي ۾ پهتو، اتي هڪ وڏي عمر جي مبلغ دعوتِ اسلامي ان تي شفقت ڪئي ۽ ان جو ذهن بڻيو ته مان 12 ڏينهن جي مدني قافلي ۾ سفر ڪندس، مَدَني قافلي ۾ شُروع شُروع ۾ ان کي نشو نه ڪرڻ تي تڪليف ته ٿي، نه چڱي طرح ننڊ ايندي هئي، نه بک لڳندي هئي، پر هو عبادت ۾ لڳل رهيو ۽ روئي روئي پنهنجي گُناهن جي معافي گھرندو رهيو، چار يا پنج ڏينهن کان پوءِ ان کي بُک لڳڻ شروع ٿي ۽ رات ۾ ننڊ به اچڻ لڳي، مَدَني قافلي ۾ سفر جي برڪت سان نشي مان ان جي جان ڇُٽي، بلڪ هو پنج وَقت جي فَرض نماز بلڪه تَهجُّد ۽ اِشراق و چاشت به پڙهڻ لڳو، مٿي تي عمامو شريف به سجائي ورتو، ان جو چوڻ آهي ته دعوت اسلامي جي ديني ماحول ۾ اچي مون کي هڪ نئين زندگي ملي الحمد لله منهنجا ٻار بچا پڻ هاڻي مون کان خوش آهن۔

اے شرابی تو آ، آ جُواری تو آ           چُھوٹیں بَد عادتیں قافلے میں چلو([1])

اَوقاتُ الصَّلوٰة“ موبائل ايپلي ڪيشن

اي عاشقان رسول! الحمد لله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي اِسمَارٽ فون (smartphone) جي ذريعي به عِلمِ دين عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي۔ هن حوالي سان دَعوَتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊپارٽمنٽ طرفان مختلف موبائل ايپلي ڪيشنز جاري ڪيون ويون آهن، انهن مان هڪ ايپلي ڪيشن آهي:Prayer Times (يعني اَوقاتُ الصّلوٰة) ۔ هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان نمازن جا وقت معلوم ڪري سگھجن ٿا، هن ۾ ڪمپاس به ڏنو ويو آهي،


 

 



[1]...وسائلِ بخشش،صفحہ:677۔