Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

مسجد بڻائڻ انبياءِ جي سنت آهي

ڏسو! 3 حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  جڏهن دنيا ۾ تشريف کڻي آيا ظاهر آهي تڏهن هي دنيا ويران هئي، صرف 2 ئي انسان حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  ۽ سندس زوجه محترمه بيبي حواء هئي، هي مڪان، هي ڪوٺيون، عاليشان محل وغيره ڪجھ به نه هيو، ان ماحول ۾ حضرت آدم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  کي هتي زمين ۾ اچي ڪري جنهن شيءِ جو فڪر ٿيو، اهو مسجد بابت هيو. پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  دنيا ۾ تشريف آڻي سڀني کان پهريان مسجد جي تعمير ڪئي، پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  سري لنڪا تشريف کڻي آيا، اُتان پيدل هلي ڪري مڪي شريف تشريف کڻي آيا ۽ ڪعبه شريف جي تعمير ڪئي. انهيءَ طرح  طوفان نوح کان بعد حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  ڪعبي شريف جي ٻه ڀيرا تعمير ڪئي،  پاڻ حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  کي سندس والده سان گڏ مڪي پاڪ جي غيرآباد وادي ۾ ڇڏي ويا، پوءِ حضرت اسماعيل عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  جي قرباني جو واقعو پيش آيو، ڪيتريون قربانيون پيش ڪرڻ کان بعد حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  ڪعبي شريف جي تعمير جو شرف حاصل ڪيو. مسجد اقصيٰ جتي پيارا آقا، معراج جا گهوٽ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   شب معراج تشريف وٺي ويا، انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام کي نماز پڙهائي، هن مبارڪ مسجد جو بنياد حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  جي پوٽي حضرت يعقوب عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  رکيو، پاڻ سفر تي هئا، هڪ هنڌ تي آرام فرمايائون، اُتي کائنس پهرين وحي نازل ٿي، تنهنڪري انهي هنڌ تي هڪ مسجد جو بنياد رکيو، (بعد ۾  حضرت سليمان عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  ان جي تعمير ڪئي).[1]

اوهان جو گهر ڪهڙو آهي؟

الله پاڪ جي نبي حضرت عيسيٰ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم  اها هستي آهن جو پاڻ


 

 



[1] انس الجلیل لمجیر الدین حنبلی،جلد:1 ،صفحہ:71 خلاصۃً۔