Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
هن آيت مبارڪه جي تفسير ۾ مشهور مُفسر، حڪيم الاُمت حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مسجدن کي گندگي ۽ ڪچري کان پاڪ رکڻ نهايت ضروري آهي ڇوته مسجد جي تعظيم ڪعبه معظمه وانگر آهي انهي ڪري ڪعبي شريف جيان مسجد جي ڇت تي بلاضرورت چڙهڻ منع آهي ۽ ڪعبي جي صفائي جو ته هن آيتِ ڪريمه ۾ حڪم ڏنو ويو آهي تنهنڪري تمام مسجدن جي لاءِ به اهو ئي حڪم ثابت ٿيندو.[1]
حضرت عُبَيد بن مَرزُوق رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ کان روايت آهي ته مديني شريف ۾ هڪ عورت مسجد جي صفائي ڪندي هئي، جڏهن ان جي وفات ٿي ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي ان جي باري ۾ خبر نه ڏني وئي، هڪ ڀيري حُضُورِ انور صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ان جي قبر جي ويجھو کان گذرندي پڇا ڪئي ته اها ڪنهن جي قبر آهي ته صحابه ڪرام عَـلَيْهِمُ الرِّضْوَانْ عرض ڪيو؛ اُمِّ مِحۡجَنْ جي۔ ''فرمايائون؛'' هي اها عورت آهي جيڪا مسجد جي صفائي ڪندي هئي؟ ته صحابه ڪرام عرض ڪيو، ”جي ها“ ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي ان جي قبر وٽ صف ٺاهڻ جو حڪم ڏنو ۽ ان جي جنازي نماز پڙهائي، پوءِ ان عورت سان مخاطب ٿيندي فرمايائون، تو ڪهڙو ڪم سڀ کان بهتر ڏٺو، صحابه ڪرام رَضِىَ اللهُ عَـنْهُم عرض ڪيو، يارَسُول اللہ ( صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم )! ڇا اها ٻڌي رهي آهي، ارشاد فرمايائون؛ توهان هن کان وڌيڪ ٻڌڻ وارا نه آهيو، پوءِ رسول اڪرم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو ته هن عورت منهنجي سوال جي جواب ۾ چيو؛ مسجد جي صفائي کي (مون سڀني کان افضل عمل ڏٺو).[2]