Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
لڳائڻي آهي ۽ مدني قافلن جي ذريعي، درس و بيان جي ذريعي، مدرسة المدينه بالغان جي ذريعي، علاقائي دوري ۽ نيڪي جي دعوت جي ذريعي ٻين کي مسجد جي طرف آڻڻو آهي.
مسجد سان وابستگي جي ضرورت ۽ اهميت
پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ مسجد بڻائڻ جي جيتري ضرورت آهي، ان کان وڌيڪ مسجدون آباد ڪرڻ جي ضرورت آهي. غور ڪيو! اڄ سڄي دنيا ۾ مسلمان جن مسائل ۾ گهيريل آهن، مجموعي طور تي ڪافر غالب ۽ مسلمان مغلوب آهن، اسان جو معاشرو جنهن راھ تي هلي رهيو آهي، ڪوڙ، غيبت، چغلي، وعده خلافي، دوکيبازي، بي ايماني، ماپ تور ۾ گهٽتائي، منافعي خوري، پاڻ ۾ لڙائي جهڳڙو، گهريلو مسئلا، وري چوري، ڌاڙو، قتل و غارت وغيره ڪيئي ناسور آهن جيڪي اسان جي معاشري کي تباھ ۽ برباد ڪندا پيا اچن، انهن سڀني مسئلن جي سبب تي جيڪڏهن غور ڪيو وڃي ته ڪيئي سببن مان هڪ اهم ترين سبب پنهنجي مرڪز يعني مسجدن کان دوري به آهي. بدقسمتي سان مسلمانن جي اڪثريت مسجدن کان پري آهي ۽ اها مسجدن کان دوري ئي آهي جو جنهن جي سبب ضمير مرده ٿي رهيا آهن، انسانن جي اندران انسانيت مٽجي رهي آهي.
قوموں کے لئے موت ہے مرکز سے جُدائی
ہو صاحِبِ مرکز تو خُودی کیا ہے؟ خُدائی!
وضاحت: خُدائي يعني راج، حڪمراني، آقائي. يعني جيڪا قوم پنهنجي مرڪز کان ئي ڪٽجي وڃي، اها قوم زندھ نٿي رهي سگهي بلڪه تباھ و برباد ٿي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن پنهنجي مرڪز کان جُڙي وڃي ته طاقتور بڻجي ويندي آهي، هي قدرت جو قانون آهي ته جيڪا شيءِ پنهنجي مرڪز سان جيترو گهڻو