Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

اڳيان هلندا آهن، ايستائين جو اهو پنهنجي گهر پڄي ويندو آهي، پوءِ ملائڪ انهي حالت تي رهندا آهن، ايستائين جو جڏهن اهو ٻيهر مسجد ۾ وڃڻ جي لاءِ گهر مان نڪرندو آهي ته ملائڪ وري جهنڊا کڻي ان جي اڳيان اڳيان هلندا آهن.[1]

سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙو اعليٰ شان آهي. ڪاش! اسان به هي انداز اپنايون، جيئن ئي اذان ٿي بلڪه اذان ٿيڻ کان پهريان مسجد جي لاءِ نڪري پئون، سڀني کان پهريان مسجد ۾ پهچڻ جي ڪوشش ڪيون، پوءِ نماز کان بعد به ڪجھ وقت مسجد ۾ گذارڻ جي عادت بڻايون، نماز کان بعد ذڪرالله ڪيون، درود شريف پڙهون، قرآن ڪريم جي تلاوت ڪيون ۽ گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ کان بعد مسجد مان نڪرون. الله پاڪ اسان کي هي سعادت نصيب فرمائي.

اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم

(3) مسجد جي صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ

الله وارن جي ٽئين چڱي عادت هي آهي ته اُهي نيڪ بزرگ هستيون مسجد جي صفائي سٿرائي جو خاص خيال رکنديون هيون. هي به انبياء جي سُنت آهي، الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

وَ عَہِدۡنَاۤ اِلٰۤی اِبۡرٰہٖمَ  وَ اِسۡمٰعِیۡلَ اَنۡ طَہِّرَا بَیۡتِیَ  لِلطَّآئِفِیۡنَ وَ الۡعٰکِفِیۡنَ وَ الرُّکَّعِ  السُّجُوۡدِ (۱۲۵(پارہ:1،البقرة : 125)

ترجموڪنزالعرفان: ۽ اسان ابراهيم ۽ اسماعيل کي تاڪيد فرمائي ته منهنجو گهر طواف ڪرڻ وارن ۽ اعتڪاف ڪرڻ وارن ۽ رڪوع ۽ سجود ڪرڻ وارن جي لاءِ پاڪ صاف رکو.


 

 



[1] کتاب الزہد لا بن المبارک،صفحہ:363