Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
۽ فرمائيندا هئا: مان ان لائق ناهيان جو بارگاھ الٰهي ۾ حاضر ٿي سگهان (انهي ڪري ٻين جي تابع ٿي اچان ٿو)[1]
الله اڪبر! ڪهڙو نه انوکو انداز آهي، غور فرمايو! ته هي الله پاڪ جا نيڪ ٻانها ڪيتري قدر مسجد جي آداب جو لحاظ رکندا هئا. اسان کي به گهرجي ته اسان مسجد جي آداب جو خوب لحاظ رکون. اڄڪلھ معلومات جي تمام گهڻي ڪمي آهي، مسجد جا آداب ڪهڙا آهن، ماڻهن کي ان جي خبر ئي ناهي هوندي. مسجد ۾ ايندا آهن، يقيناً نيڪي جي نيت سان ئي ايندا آهن پر معلومات جي ڪمي جي سبب مسجد جون بي ادبيون ڪري رهيا هوندا آهن، ايندا آهن نيڪيون ڪمائڻ پر نيڪيون ضايع ڪري هليا ويندا آهن.
مسجد جي بي ادبي جون ڪجھ صورتون
(1) مسجد ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪرڻ
* مسجد ۾ دنياوي گفتگو ڪرڻ مسجد جي سخت بي ادبي آهي. تفسير مدارڪ شريف ۾ آهي ته رحمت عالم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ مُعَظم آهي: مسجد ۾ دنياوي ڳالھ ٻولھ نيڪين کي ائين کائي ڇڏيندي آهي جيئن چوپايا گاھ کي کائيندا آهن.[2] * پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان عبرت نشان آهي: ”هڪ زمانو اهڙو ايندو جو ماڻهو مسجد ۾ دنيا جون ڳالهيون ڪندا ته ان وقت انهن ماڻهن وٽ توهان نه ويهو، الله پاڪ کي انهن ماڻهن جي ڪجھ پرواھ ناهي۔“[3]
امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه نقل ڪن ٿا: جيڪو مسجد ۾ دنيا جي ڳالھ ڪري، الله پاڪ ان جا 40 سالن جا (نيڪ) عمل برباد ڪري ڇڏيندو آهي.[4]