Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

هي ”مسجد نبوي“ آهي.[1] جنهن کي دنيا جي ٻئي افضل مسجد هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.

مسجد نبوی کے محراب اور منبر پر درود                  سبز گنبد اور ہر مینار پر لاکھوں سلام

  پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو هي اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   جي مبارڪ سيرت جو نهايت حسين پهلو آهي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم   سفر دوران جتي جتي ترسيا، اُتي اُتي مسجد جو بنياد رکي رهيا هئا. قُباء ۾ تشريف آندائون ته مسجد قباء جو بنياد رکيو. قبيله بنو سليم ۾ تشريف کڻي آيا ته پهريون جمعو اُتي ادا فرمايو ۽ ان مسجد جو نالو مسجد جمعه رکيو ويو. پوءِ مديني پاڪ تشريف کڻي آيا ته هتي به مسجد جو بنياد رکيائون هن مان خبر پئي ته اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي نگاھ مبارڪ ۾ مسجد جي ڪيتري اهميت آهي.  

مسجد معاشري جو مرڪز آهي

پيارا اسلامي ڀائرو!  ياد رکو! مسجد اسان جو بنيادي مرڪز آهي، معاشري جي حُسن، ترقي، ڪاميابي ۽ بهتري جي ابتدا به مسجد کان ئي ٿيندي هئي ۽ انتها به مسجد ئي کان ٿيندي آهي. اهل اسلام جو اهو شهر، اهو ڳوٺ، نامڪمل آهي، جتي مسجد موجود ناهي. هي انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام  جو پيارو وصف آهي جو هو بلند رُتبي وارا حضرات جتي تشريف کڻي ويندا هئا، اُتي سڀني کان پهريان مسجد جو بنياد رکندا هئا، ايستائين جو انبياءِ ڪرام عَلَيۡهِم السَّلَام  کي پنهنجي رهائش جو فڪر نه هوندو هو بلڪه انهن کي فڪر هوندو هو ته مسجد بڻائڻ جو فڪر هوندو هو.


 

 



[1] سیرتِ مصطفےٰ صَلَّی اللہ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم ،صفحہ:181-182 خلاصۃً ۔