Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
الله پاڪ اسان کي مسجد سان ڪامل وابستگي نصيب فرمائي، اسان جي مسجد ۾ دل لڳي. ڪاش! مسجد ۾ ڪثرت سان اچڻ وارا بڻجي وڃون، گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ وارا بڻجي وڃون، ڪاش! ڪاش! مسجد جو ادب و احترام ڪرڻ، ان کي آباد رکڻ، ان جي صفائي سٿرائي جو خيال رکڻ ۽ هر قسم جي بي ادبي کان بچڻ جي توفيق نصيب ٿي وڃي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافله
پيارا اسلامي ڀائرو! نيڪ بڻجڻ، نيڪين جو جذبو وڌائڻ ۽ باجماعت نماز جي عادَت پڪي ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، الله پاڪ جي فضل سان، اُن جي پياري حبيب، حبيبِ لبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي احسان ۽ اَولياءِ ڪرام جي فيضان سان دعوت اسلامي الحمد لله! مسجِد ڀريو تحريڪ آهي، الحمد لله! دعوتِ اسلامي مسجدون بڻائي به ٿي ۽ انهن کي آباد به ڪري ٿي۔ اوهان به دعوتِ اسلامي سان گڏجي ”پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش“ ۾ لڳي وڃو، خوب وڌ کان وڌ 12 ديني ڪمن ۾ حِصو وٺو ۽ دُنيا و آخرت جون برڪتون ماڻيو!
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافله۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! سڄي دنيا ۾ عاشقانِ رسول سُنتن جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ مدني قافلن ۾ سَفَر ڪندا رهن ٿا، اوهان به عاشقانِ رسول سان گڏ مدني قافلن ۾ سَفَر جي عادَت بڻايو۔
ڪراچي جو هڪ شخص ننڍي هوندي کان نشي جو عادي هو، صُبح ناشتي جي بدران چرس ۽ هيروئن جو نشو ڪندو هو، ڪيئي ڀيرا ڊاڪٽرن وٽان علاج