Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
مسجد بڻائڻ جي فضيلتن بابت ٻه حديثون
(1) الله پاڪ جي آخري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: جيڪو الله پاڪ جي لاءِ مسجد بڻائيندو الله پاڪ ان جي لاءِ جنت ۾ گهر بڻائيندو.[1] (2) رسول اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: ته جنهن مسجد انهي ڪري بڻائي ته جيئن ان ۾ الله پاڪ جو ذڪر ڪيو وڃي ته ان جي لاءِ جنت ۾ گهر بڻايو ويندو.[2]
ڪاش! اسان کي به مسجد بڻائڻ جي توفيق ملي. الله پاڪ وُسعت عطا فرمائي آهي ته مڪمل مسجد به تعمير ڪرڻ گهرجي. وڏي سعادت جي ڳالھ آهي، جيڪڏهن ايتري وُسعت ناهي ته خير...!! الله پاڪ جيتري توفيق بخشي آهي، مسجد جي تعمير و ترقي ۾ اوترو ئي حصو شامل ڪيو! مسجد جي تعمير جي لاءِ ريتي، بجري، سيمنٽ وغيره مهيا ڪرڻ، مسجد ۾ ضرورتاً ٽائلون وغيره لڳرائڻ، مسجد جو وضو خانو ٺهرائڻ، منبر ٺهرائڻ، صفن جو انتظام ڪرڻ وغِيره هي سڀ مسجد جي تعمير ۽ ترقي ئي جو حصو آهي. مسجد جي تعمير جي حوالي سان حضرت عبدالله بن رواح رَضِىَ اللهُ عَنْه جو هڪ شعر آهي؛
اَفْلَحَ مَنْ یُّعَالِجُ الْمَسَاجِدَا وَیَقْرَءُ الْقُرْاٰنَ قَائِمًا وَّقَاعِدًا([3])
ترجمو: اهو ڪامياب آهي جيڪو مسجدون تعمير ڪري ٿو ۽ اٿندي ويهندي قرآن پڙهي ٿو.
اي عاشقانِ رسول! اسان کي مسجدون بڻائڻيون به آهن، ان سان گڏوگڏ مسجدن کي آباد به ڪرڻو آهي، نمازين جو تعداد به وڌائڻو آهي، پاڻ به مسجد ۾ دل