Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
حاجات نه هجي ها ته مان مسجد کان ڪڏهن ٻاهر نه نڪران ها. حضرت ابوصادق رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: مسجد ۾ ويهڻ لازم پڪڙيو! ڇوته مسجد ۾ ويهڻ نبين جو طريقو آهي.[1]
ڪاش! اسان کي به هي سعادت ملي، اسان پنهنجو گهڻي کان گهڻو وقت مسجد ۾ گذارڻ جي عادت بڻايون. اسان جو حال هيئن آهي جو پارڪن ۾ دل لڳي ٿي، هوٽلن تي دل لڳي ٿي، راند جي ميدانن ۾، فضول ڪمن ۾ بلڪ معاذالله! گناهن ڀري ڪمن ۾ دل لڳي ٿي، ها! دل نٿي لڳي ته مسجد ۾ نٿي لڳي. هي حقيقت آهي، اسان جو معاشرو اهڙو ٿي ويو آهي جو ڪم ڪار کان واندڪائي ملي يا موڪل جو ڏينهن هجي ته اسان مختلف پروگرام بڻائي وٺندا آهيون، ڪڏهن دوستن سان پڪنڪ تي وڃڻ، ڪڏهن تفريح گاهن جي زينت بڻجڻ آهي، ڪڏهن ڪٿي کاڌي جو پلان بڻجي ويو ته ڪڏهن گهمڻ ڦرڻ جو پروگرام بڻجي ويو. الله وارن جو انداز ڪهڙو هيو؟ انهن کي فرصت ملندي هئي ته الله پاڪ جي گهر، مسجد ۾ پڄي ويندا هئا. ڪاش! اسان جو به اهڙو ذهن بڻجي وڃي.
حضرت ابن عمير رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، رسول ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: دنيا ۾ مهمان بڻجي رهو ۽ مسجد کي پنهنجو گهر بڻايو (يعني جيئن گهر ۾ دل لڳندي آهي، مسجد ۾ ايئن دل لڳايو)![2]
ڇا ته خوبصورت ڳالھ ارشاد فرمائي وئي آهي، اسان مسجد سان اهڙو تعلق رکندا آهيون جيئن مسجد ڪو مسافرخانو هجي، اَذان ٿي، مسجد آياسين، نماز