Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
مسجد ۾ وڏا ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هوندا آهن. حديث پاڪ ۾ آهي: سرڪار عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مسجد ۾ کِلڻ قبر ۾ اونداهي (آڻيندو) آهي۔[1]
الله اڪبر! جڏهن مسجد ۾ کلڻ جو اهو حال آهي ته اتي ٽهڪ ڏيڻ جو وبال ڇا هوندو؟ ها مسجد ۾ ضرورت موجب مسڪرائڻ منع ناهي، مسڪرائڻ جي تعريف هي آهي ته اهڙي طرح کلڻ جو آواز نه پاڻ کي ٻڌڻ ۾ اچي نه ڀر واري کي ٻڌڻ ۾ اچي.[2] کلڻ جي تعريف هي آهي ته ايترو آواز سان کلڻ جو پاڻ پنهنجو آواز ٻڌي ڀر واري تائين آواز نه وڃي.[3] ۽ ٽهڪ ڏيڻ يعني ايترو آواز سان کلڻ جو ٻيو هجي ها ته اهو به ٻڌي وٺي ها.[4] سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ ڏئي نه کِلِيا.[5]
* اهڙي طرح مسجد کي هرقسم بدبوءِ کان بچائڻ واجب آهي، * ڪچي مُوري، ڪچو بصر، ڪچي ٿوم ۽ هر اها شيءِ جنهن جي بوءِ ناپسند هجي، اها کائي مسجد ۾ ان وقت تائين وڃڻ جائز ناهي جيستائين هٿ ۽ وات وغيره ۾ بوءِ باقي هجي جو فرشتن ۽ ٻين نمازين کي ان سان تڪليف ٿيندي آهي۔ حديث شريف ۾ آهي؛ الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو؛ ”جنهن بصر، ٿوم يا گندنا (ٿوم جهڙي هڪ ڀاڄي) کاڌي هجي اهو اسان جي مسجد جي ويجهو هرگز