Share this link via
Personality Websites!
مسجد ۾ وڏا ٽهڪ ڏئي کلي رهيا هوندا آهن. حديث پاڪ ۾ آهي: سرڪار عالي وقار، مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: مسجد ۾ کِلڻ قبر ۾ اونداهي (آڻيندو) آهي۔[1]
الله اڪبر! جڏهن مسجد ۾ کلڻ جو اهو حال آهي ته اتي ٽهڪ ڏيڻ جو وبال ڇا هوندو؟ ها مسجد ۾ ضرورت موجب مسڪرائڻ منع ناهي، مسڪرائڻ جي تعريف هي آهي ته اهڙي طرح کلڻ جو آواز نه پاڻ کي ٻڌڻ ۾ اچي نه ڀر واري کي ٻڌڻ ۾ اچي.[2] کلڻ جي تعريف هي آهي ته ايترو آواز سان کلڻ جو پاڻ پنهنجو آواز ٻڌي ڀر واري تائين آواز نه وڃي.[3] ۽ ٽهڪ ڏيڻ يعني ايترو آواز سان کلڻ جو ٻيو هجي ها ته اهو به ٻڌي وٺي ها.[4] سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ڪڏهن به ٽهڪ ڏئي نه کِلِيا.[5]
* اهڙي طرح مسجد کي هرقسم بدبوءِ کان بچائڻ واجب آهي، * ڪچي مُوري، ڪچو بصر، ڪچي ٿوم ۽ هر اها شيءِ جنهن جي بوءِ ناپسند هجي، اها کائي مسجد ۾ ان وقت تائين وڃڻ جائز ناهي جيستائين هٿ ۽ وات وغيره ۾ بوءِ باقي هجي جو فرشتن ۽ ٻين نمازين کي ان سان تڪليف ٿيندي آهي۔ حديث شريف ۾ آهي؛ الله پاڪ جي آخري نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو؛ ”جنهن بصر، ٿوم يا گندنا (ٿوم جهڙي هڪ ڀاڄي) کاڌي هجي اهو اسان جي مسجد جي ويجهو هرگز
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami