Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

سفر ٿيو، ان سفر دوران پاڻ فجر جي نماز خانيوال اسٽيشن تي ادا ڪيائون،( انهن ڏينهن ۾ خانيوال اسٽيشن تي مسجد نه هئي) اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه!حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جنهن جڳھ نمازِ فجر ادا فرمائي هئي، هاڻي اتي عاليشان مسجد موجود آهي.[1]

دعوت اسلامي مسجد بڻايو تحريڪ آهي

اي عاشقانِ رسول! اي عاشقانِ صحابه و اولياء!  اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوت اسلامي فيضان انبياء به آهي، فيضان صحابه به آهي، فيضان اهل بيت به آهي ۽ فيضان اولياء به آهي. جيئن انبياءِ ڪرام مسجدون تعمير ڪندا هئا، اولياءِ ڪرام مسجدون تعمير ڪندا هئا، اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! انهن جي فيضان سان دعوت اسلامي به مسجد بڻايو تحريڪ به آهي ۽ نمازي بڻايو تحريڪ به آهي يعني دعوت اسلامي مسجد بڻائيندي به آهي، وري ان کي آباد به ڪرڻ، مسجدن ۾ نمازي وڌائڻ جي لاءِ به پوري ڪوشش ڪندي آهي.

 شعبه خدام المساجد والمدارس جو تعارف

دعوت اسلامي 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ سنتن جي خدمت ۾ مشغول آهي. انهن شعبن مان هڪ شعبو خُدام المساجد والمدارس به آهي. هن شعبي جو ڪم ئي مسجدون ۽ مدرسا ٺاهڻ آهي.

شعبه خدام المساجد جي ڪارڪرگي

 اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! دعوت اسلامي جي زير اهتمام هاڻي تائين: 4533 مسجدن جي تعمير ٿي چڪي آهي وڌيڪ 931 مسجدن جي جڳھ خريد ڪئي وئي آهي. هڪ مسجد بڻائڻ جو گهٽ ۾ گهٽ 18 کان 20 لک خرچ ٿيندو آهي. ويجهڙائي ۾ جڏهن


 

 



[1] حیاتِ محدثِ اعظم،صفحہ:117۔