Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

اللہ اکبر! ڪيتري پياري فضيلت آهي، قيامت جو ڏينهن ڪيترو هولناڪ ڏينهن هوندو، زمين ٽامي جي هوندي، سج هڪ ميل تي رهي ڪري باھ وسائي رهيو هوندو، گرمي ۽ تپش جي سبب ماڻهن جو برو حال هوندو، ماڻهون پنهنجي پگهر ۾ ٽٻيون هڻي رهيا هوندا، ان حالت ۾ مسجد سان محبت رکڻ وارن جي نرالي شان هوندي، مخلوق گرمي ۾ سڙي رهي هوندي ۽ هي خوش قسمت جن جي دل مسجد ۾ لڳل رهندي آهي، اهي عرش الٰهي جي ڇانوء ۾ راحت ۽ آرام ۾ هوندا.

وہ تو نہایت سستا سودا بیچ رہے ہیں جنّت کا

ہم مُفْلِس کیا مَول چکائیں اپنا ہاتھ ہی خالی ہے([1])

ڪم ڪيترو سولو آهي ۽ انعام ڪيترو وڏو آهي، ڪرڻو ڇا آهي؟ پنهنجي دل مسجد ۾ لڳائي رکڻي آهي. مسجد ۾ نماز باجماعت ادا ڪئي، پنهنجي دڪان تي، ڪم تي هليا ويا، گهر هليا ويا پر اُتي وڃي دل مسجد جي طرف ئي لڳل آهي، ڌيان مسجد جي طرف آهي، انتظار ٿي رهيو ته ڪڏهن ٻي نماز جو وقت ٿيندو، ڪڏهن مان مسجد ويندس، مسجد جي محبت ۾ بي تاب ٿي ڪري ٻانهو باربار وقت ڏسي رهيو آهي،  دل ئي دل ۾ مسجد جو، نماز جو خيال اچي رهيو آهي، دل ۾ مسجد جي ياد آهي ۽ ضروري ڪمن ۾ مصروف آهي، مطلب ته ٻانهو جتي به هجي، ان جي دل مسجد ئي ۾ لڳل هجي، هڪ نماز پڙهي ورتي، هاڻي ٻي نماز جو انتظار هجي، هي آهي مسجد ۾ دل لڳڻ، دل جو مسجد ۾ معلق رهڻ ۽ جنهن جي دل مسجد ۾ معلق رهندي آهي، ان کي قيامت جي ڏينهن عرش الٰهي جي ڇانوء ۾ راحت و آرام نصيب ٿيندو.


 

 



[1]...حدائقِ بخشش ،صفحہ:186۔