Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
مضبوط هوندي، جيترو وڌيڪ جُڙيل هوندي، الله ڪريم ان کي اوتري ئي وڌيڪ ترقي، ڪاميابي، طاقت ۽ عروج عطا فرمائيندو آهي.
مسجد اسان جو مرڪز آهي، جيسيتائين مسلمان پنهنجي مرڪز سان مضبوط جڙيل هئا. ان وقت تائين مسلمان غالب هئا، جڏهن کان مسجدن کان دوري ٿي آهي، مسلمان پستي جي طرف وڌندا ئي وڃن پيا. اوهان دورِ صحابه و تابعين ۽ بُزرگانِ دين جو دور ۽ اڄوڪي معاشري جو موازنو ڪري ڏسو! پهريان مسلمان غالب هئا، هاڻي مغلوب. پهريان مسلمان عروج تي هئا، هاڻي پست ٿي چڪا آهن. پهريان معاشري ۾ امانتدار گهڻا هئا، هاڻي دوکيبازي جو غلبو آهي. پهريان حيا عام هئي، هاڻي بيحيائي عام آهي. پهريان سچائي جو غلبو هيو، هاڻي ڪوڙ جي ڪثرت آهي. پهريان خيرخواهي، اُخوت ۽ ڀائيچاري جا جذبا غالب هئا، هاڻي حسد ساڙ عام آهي، ڀاءُ ڀاءُ جو گريبان پڪڙي رهيو آهي، اُخوت نالي ماتر به ناهي رهي، ڀائيچارو دم ٽوڙي رهيو آهي.
سبب ڪهڙو آهي؟ هن جو هڪ بنيادي سبب پنهنجي مرڪز يعني مسجد کان دوري به آهي. پهريان جا مسلمان مسجد سان تمام گهڻو مضبوط (يعني جڙيل هوندا) هئا، هي مسجد ۾ ايئن رهندا هئا جيئن مڇي پاڻي ۾ رهندي آهي پر هاڻي ڇا حالت آهي؟ هاڻي مسلمان مسجد ۾ ائين هوندا آهن جيئن پکي پڃري ۾ قيد هوندو آهي.
صحابه ڪرام و بزرگانِ دين جا مختصر واقعا
* حضرت ابوطلحه انصاري رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ صحابي رسول آهن، سندن هڪ ننڍڙو پٽ هيو جنهن کان پاڻ کان تمام گهڻو پيار ڪندا هئا، خدا طرفان ڪجھ ايئن ٿيو جو هڪ ڀيري حضرت ابو عُمير رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ بيمار ٿي پيو ۽ بيماري ڏينهون ڏينهن شدت اختيار ڪندي وئي.