Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
جنهن جو گهر مسجد هجي الله پاڪ ان جي مغفرت، رحمت ۽ جنت جي طرف وٺي ويندڙ پل صراط تان حفاظت سان گذارڻ جو ضامن بڻجي ويندو آهي.[1]
علامه نجم الدين غزي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه لکن ٿا: مسجد کي لازم پڪڙڻ، عبادت جي ذريعي مسجد آباد رکڻ، مسجد جي طرف اچڻ ۾ جلدي ڪرڻ ۽ دير کان مسجد مان نڪرڻ ملائڪن جا پاڪيزه وصف آهن.[2]
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو! ملائڪ به اسان جي مسجدن ۾ ايندا آهن، هتي الله پاڪ جي تسبيح ڪندا آهن ۽ جيڪو ٻانهو مسجد ۾ ڪثرت سان ايندو آهي، گهڻي دير تائين ويهندو آهي، ملائڪ ان سان محبت ڪندا آهن.
حديث شريف ۾ آهي، نبين جي نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ مسجدن جا ڪجھ اوتاد آهن(يعني اهڙا ماڻهو آهن، جن جي هجڻ سان مسجدون آباد رهنديون آهن)، ملائڪ انهن وٽ ويهندا آهن، جيڪڏهن هي ڪٿي غائب ٿي وڃن ته ملائڪ انهن کي ڳولهيندا آهن، جيڪڏهن بيمار ٿي وڃن ته انهن جي عيادت ڪندا آهن ۽ جيڪڏهن ڪنهن مشڪل ۾ هجن ته انهن جي مدد ڪندا آهن.[3]
مسجد جي شيدائي جي لاءِ ملائڪن جو جلوس
ابن مبارڪ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪتاب الزهد ۾ روايت آندي آهي، لکن ٿا: جيڪو ٻانهو سڀ کان پهريان مسجد ۾ اچڻ ۽ آخر ۾ نڪرڻ جو عادي هجي، ان جو شان اهو آهي جو جڏهن اهو مسجد مان نڪرندو آهي ته ملائڪ جهنڊا کڻي ان جي اڳيان