Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

جنهن جي مدد سان قبلي جي دُرست طرف معلوم ڪري سگھجي ٿو، ان کان عِلاوه ڊيجيٽل تسبيح، اسلامي ڪيلنڊر، مختلف اَوراد ۽ وَظائِف وغيره به شامِل آهن۔ اوهان به پنهنجي موبائل ۾ اها ايپلي ڪيشن انسٽال ڪريو ۽ ٻين کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِرسالت، شَهنشاھ نُبُوت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِی فَقَدْ اَحَبَّنِی وَمَنْ اَحَبَّنِی كَانَ مَعِیَ فِی الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔[1]

سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا!                        جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا

 صَلُّوۡا عَلَى الۡحَبِيۡب                                                                صَلَّى اللّٰهُ عَلٰى مُحَمَّد

ڳالھ ٻولھ جون سنتون ۽آداب

    ”هڪ چپ هزار سُک“  ڳالھ ٻولھ ڪرڻ جا 12 مَدَني گل ٻڌي وٺون ٿا: (1) مسڪرائي ۽ خوش اخلاقيءَ سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سنّت آهي )2( مسلمانن جي دلجوئي جي نيّت سان ننڍن سان شفقت وارو ۽ وڏن سان ادب وارو لهجو اختيار ڪيو۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ ثواب حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ ٻنهي جي نزديڪ توهان معزز رهندؤ )3( وڏي آواز سان ڳالهائڻ جيئن اڄڪلهه دوست پاڻ ۾ بي تڪلفي سان ڳالهائيندا آهن، اهو سنّت نه آهي )4( کڻي هڪ ڏينهن جو ٻار هجي


 

 



[1] مشڪوٰة الصابيح،ڪتاب الايمان،باب الاعتصام بالڪتاب والسنة ،الفصل الثاني،1/55،حديث:175