Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

هئا، اُتي ضرور مسجد شريف جي تعمير ڪندا هئا. بلڪه سچ ته اهيو آهي ته اڄ اسان کي گهٽي گهٽي ۾ جيڪي مسجدون نظر اچن ٿيون، هي انبياءِ ڪرام ۽ اولياءِ عظام جو ئي فيضان آهن.

محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ۽ مسجدن جي تعمير

 حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کي مسجدون ٺهرائڻ جو ڏاڍو شوق هو. فيصل آباد (پنجاب پاڪستان) تشريف وٺي اچڻ کان بعد پاڻ   رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ڪيتريون ئي مسجدون تعمير ڪرايون ۽ ڪيئي مسجدن جو سنگِ بنياد پاڻ رکيائون.

   هي يقيناً حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي ڪرامت ئي آهي جو پاڻ سفر دوران ڪهڙي به غير آباد جڳھ تي نماز ادا فرمائيندا هئا ته اها جڳھ آباد به ٿي ويندي ۽ ان جڳھ تي مسجد به تعمير ٿي ويندي هئي. هڪ ڀيري پاڻ سفر دوران اڏي مُريد والا (ضلع فيصل آباد) ۾ نمازِ عصر ادا فرمائي، ويجھو هڪ نهر مان وضو ڪيائون: ان وقت اتي نه آبادي هئي، نه ڪا مسجد، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه خالي جڳھ نماز ادا ڪئي، نماز کان بعد دعائيه انداز ۾ فرمايائون: ڪاش! جو هتي سُنين جو هڪ مدرسو ۽ هڪ مسجد هجي ته هي جڳھ آباد ٿي وڃي. اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هاڻي اها جڳھ آباد آهي ۽ اتي عاشقانِ رسول جو هڪ مدرسو ۽ شاندار مسجد تعمير ٿي چڪي آهي.[1]

 نماز ادا ڪرڻ جي برڪت سان مسجد تعمير ٿي وئي

  ائين ئي هڪ ڀيري حُضور محدثِ اعظم پاڪستان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ڪنهن ديني جلسي ۾ شرڪت جي لاءِ ساهيوال تشريف وٺي ويا. واپسي تي خانيوال جي طرف


 

 



[1] حیاتِ مُحَدِّثِ اَعْظَم ،صفحہ:117۔