Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

غيرمسلمن قرآن پاڪ کي معاذالله نذرآتش ڪيو ته اميراهل سنت پنهنجو مذمتي بيان رڪارڊ ڪرائيندي فرمايو: ته اسان قرآن پاڪ جي 540 رڪوع جي نسبت سان 540 مسجدون فيضان قرآن جي نالي سان بڻائينداسون ۽ گڏوگڏ هي به اعلان فرمايائون: ته ماھ رمضان المبارڪ کان پهريان تعمير ڪري اُن ۾ نمازون به پڙهڻ شروع ڪرڻيون آهن. الحمدلله هاڻي تائين فيضان قرآن مسجد جي لاءِ 319 مقام فائنل ٿي چڪا آهن ۽ 80 مسجدن جو سنگ بنياد رکجي چڪو آهي ۽ 6 هنڌن تي باقاعده نمازن جو آغاز ٿي چڪو آهي.  

اللہ کرم ایسا کرے تجھ پے جہاں میں

اے دعوت اسلامی تری دھوم مچی ہو

مسجد بڻائڻ جي فضيلت

اي عاشقانِ رسول! مسجد بنائڻ يا ان جي تعمير ۾ حصو وٺڻ وڏي فضيلت جو ڪم آهي، الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمائي ٿو:

اِنَّمَا یَعۡمُرُ مَسٰجِدَ اللّٰہِ مَنۡ اٰمَنَ بِاللّٰہِ وَ الۡیَوۡمِ الۡاٰخِرِ  (پارہ: 10 ،التوبہ:18)

ترجمو ڪنزالعرفان: الله جي مسجدن کي اهي ئي آباد ڪندا آهن جيڪي الله ۽ قيامت تي ايمان آڻيندا آهن.

 مشهور مفسر قرآن، حڪيم الامت مفتي احمديارخان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه   هن آيت جي حوالي سان فرمائن ٿا: (معلوم ٿيو،) مسجد بنائڻ، ان کي آباد ڪرڻ يا اتي باجماعت نماز ادا ڪرڻ جو شوق صحيح مؤمن هجڻ جي علامت آهي، اِنْ شَآءَ اللہ الْکَرِیْم! اهڙن ماڻهن جو خاتمو ايمان تي ٿيندو.[1]


 

 



[1] تفسیر نعیمی، پارہ:10، سورۂ توبہ، زیرِ آیت: 18، جلد:10، صفحہ:204۔