Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai

      اسان جا بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها مسجد جو تمام گهڻو ادب و احترام ڪندا هئا. * هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  فرمائن ٿا: ”مون مسجد ۾ ڪڏهن به ڪنهن شيءِ سان نه ٽيڪ لڳائي نه ان ۾ پير ڊگهيڙيا نه ڪڏهن ان ۾ دنياوي گفتگو ڪيم.“ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اها ڳالهه ان لاءِ ارشاد فرمائي ته جيئن ان جي پيروي ڪئي وڃي. * حضرت خَلَف بِن اَيُّوب  رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه  مسجد ۾ تشريف فرما هئا ته هڪ ڇوڪري سندن خدمت ۾ حاضر ٿي ڪري ڪا ڳالهه پڇي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه اٿي ڪري مسجد کان ٻاهر تشريف کڻي آيا پوءِ ان ڇوڪري جي ڳالهه جو جواب ڏنائون. جڏهن کائين ان جو سبب پڇيو ويو ته ارشاد فرمايائون ”مون هيترن هيترن سالن کان مسجد ۾ دنياوي گفتگو ناهي ڪئي.“ [1]

انهي طرح حضرت علي بن خواص رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه مسجد جي ادب ۽ ان جي احترام جو تمام گهڻو خيال رکندا هئا.

هڪ ولي ڪامل جون ڪجھ مبارڪ ادائون

سندن عادت مبارڪ هئي ته جڏهن به مسجد اچڻو پوي ته گهران وضو ساري ايندا هئا، بي وضو هجڻ جي حالت ۾ مسجد جي دروازي کان اندر اچڻ به کين پسند نه هيو.[2] جڏهن مسجد ۾ تشريف کڻي ايندا هئا ته مسجد جي بي ادبي جي خوف سبب ڏڪڻ لڳندا هئا.[3] انهي طرح حضرت علي خواص رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  تنها مسجد ۾ وڃڻ پسند نه ڪندا هئا، پاڻ مسجد جي دروازي تي بيهي رهندا هئا، جڏهن ڪو ٻيو شخص ايندو هيو ته ان جي پٺيان پٺيان مسجد ۾ داخل ٿيندا هئا


 

 



[1] تنبيه الغافلين، ص. 167

[2] لَوَاقِحُ الْاَنْوَار، العہد العاشر فی اکرام المساجد،جلد:1 ،صفحہ:114۔

[3] لَوَاقِحُ الْاَنْوَار ، العہد العاشر فی اکرام المساجد،جلد:1 ،صفحہ:114۔