Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
حضرت سعيد بن مُسيّب رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: ٻانهو جيستائين مسجد ۾ رهندو آهي، ملائڪ ان جي لاءِ بخشش جي دعا گھرندا رهندا آهن.[1] سُبْحٰنَ اللہ!
(2) ٻئي عادت: مسجد ۾ پهريان اچڻ ۽ آخر ۾ وڃڻ
الله وارن جي ٻي چڱي عادت اها آهي ته هي ذي وقار حضرات مسجد ۾ سڀني کان پهريان ايندا ۽ سڀني کان آخر ۾ مسجد مان ويندا هئا. يعني اسان جي اڄڪلھ جي حالت جو بلڪل ابتڙ انداز هيو. اسان سڀني کان آخر ۾ مسجد ايندا آهيون ۽ سڀني کان پهريان مسجد مان نڪري ويندا آهيون، جمعي جي ڏينهن جو ئي انداز ڏسي وٺو! حالانڪ جمعو عيد جو ڏينهن آهي، جمعي جي ڏينهن هڪ نيڪي 70 نيڪي جي برابر هوندي آهي ان جي باوجود اسان وٽ ماڻهو جمعو پڙهڻ جي لاءِ ڪڏهن ايندا آهن؟ عين خطبي جي وقت بلڪ ڪجھ ته ڀڄي ڊوڙي مشڪل سان خطبي ۾ اچي شامل ٿيندا آهن ۽ واپس ڪڏهن ويندا آهن؟ جيئن فرض ادا ڪيو، سلام ورايو، دعا جو به انتظار ناهن ڪندا، جوتا پاتا ۽ هليا ويا..!!
الله پاڪ اسان کي هدايت نصيب فرمائي. الله وارن جو هي مبارڪ انداز هيو جو هي نيڪ ٻانها سڀ کان پهريان مسجد ۾ ايندا ۽ سڀني کان آخر ۾ مسجد مان نڪرندا هئا.
پٽ کي مسجد سان لڳاءُ رکڻ جي تلقين
حضرت ابودرداد رَضِىَ اللهُ عَنْه پنهنجي پٽ کي نصيحت ڪندي ارشاد فرمايو: پٽ! مسجد تنهنجو گهر هجڻ گهرجي، بيشڪ مون مديني جي تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي فرمائيندي ٻڌو آهي ته مسجدون متقين (يعني پرهيزگارن) جا گهر آهن ۽