Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
حضرت عيسٰي عَلَیْہِ السَّلَام انهن ماڻهن کي مسجد ۾ وڌيڪ ويهڻ کان منع ڪندا هئا جيڪي مسجد جي آدابن کان اڻ واقف هئا، هڪ ڀيري عَلَیْہِ السَّلَام مسجد ۾ ڪن ماڻهن کي ويٺل ڏٺو، جيڪي فضول ڳالهيون ڪري رهيا هئا ته پاڻ پنهنجي چادر کي ويڙهي انهن کي ماريو ۽ اتان کان ڪڍي ڇڏيو ۽ فرمايو؛ توهان الله پاڪ جي گھرن کي دنيا جي بازار ٺاهي رکيو آهي حالانڪ اهي ته آخرت جا بازار آهن. [1]
اهڙي طرح مسجد جي ادب جي حوالي سان هڪ ٻي روايت آهي ته حضرتِ سائب بن يزيد رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ فرمائن ٿا، مان مسجد ۾ ليٽل هئس ته مون کي ڪنهن پٿري هنئي۔ مون ڏٺو ته اهي حضرتِ امير المُؤمنين عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ عَـنْهُ هئا۔ انهن مون کي فرمايو: ”وڃ ۽انهن ٻنهي شخصن کي مون وٽ وٺي اچو!“۔ مان انهن ٻنهي کي وٺي آيس۔ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَـنْهُ انهن کان پڇا فرمايو،” توهان ڪهڙي شهر سان تعلق رکو ٿا؟ عرض ڪيائون، طائف سان. فرمايائون، ”جيڪڏهن توهان مدينہءِ منوره جا رهڻ وارا هجو ها ته مان توهان کي ضرور سزا ڏيان ها (ڇو ته) توهان رسول الله صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مسجد ۾ پنهنجو آواز بلند ٿا ڪريو.[2]
پيارا اسلامي ڀائرو! ٿورو غور ڪيو! هڪ پاسي ته الله پاڪ جا نيڪ ٻانها آهن ۽ ٻئي پاسي اسان آهيون جو مسجدن جي آدابن کان بلڪل اڻ واقف آهيون. الله پاڪ اسان کي مسجد جو ادب ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين
* اهڙي طرح مسجد ۾ کلڻ به مسجد جي احترام جي خلاف آهي پر ماڻهو