Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
* انهي طرح مسجد ۾ ڪنهن قسم جو ڪن ڪچرو اڇلائڻ به بي ادبي آهي. ايستائين جو مسجد ۾ معمولي ڪک به نٿا اڇلائي سگهون. عالم سڳورا فرمائن ٿا: مسجد ۾ جيڪڏهن معمولي ڪک يا ذرو به اڇليو وڃي ته ان سان مسجد کي ايتري قدر تڪليف ٿيندي آهي جيتري قدر انسان کي پنهنجي اک ۾ معمولي ذرو پئجي وڃڻ سان ٿيندي آهي.[1] انهيءَ طرح مسجد ۾ اعضاءِ وضو کان وِضو جي پاڻِي جا ڦڙا ڪيرائڻ ناجائز و گناھ آهي.[2] ماڻهن کي هن جي معلومات ئي ناهي هوندي، وضو ڪندا آهن ۽ ايئن ئي ٻانهون نپوڙيندي مسجد ۾ اچي ويندا آهن، مسجد ۾ وضو جي پاڻي جا ڦڙا ڪري رهيا هوندا آهن، آلا پير قالين ۽ فراسين تي پوندا آهن ته قالين به آلوده ٿي ويندا آهن. هن کان بچڻ نهايت ضروري آهي.
* انهي طرح مسجد ۾ شور شرابو ڪرڻ به بي ادبي آهي. ايستائين جو مسجد ۾ ڊوڙڻ يا زور سان قدم رکڻ، جنهن سان آواز پيدا ٿئي هي به منع آهي. لهذا ان جو به لازمي خيال رکڻ گهرجي. مسجد جي فرش تي ڪا شيء زور سان نه اڇلي وڃي ۽ چادر يا رومال وغيره سان فرش اهڙي طرح نه ڇنڊيو جو آواز پيدا ٿي(مسجد جي صفائي ڪرڻ وارن کي گهڻي احتياط سان ڪم وٺڻ گهرجي).[3]
کرو مسجدوں کا ادب میرے بھائی!
کہ تم پر بھی ہو فضلِ رب میرے بھائی!