Book Name:Masjid Banana Sunnat e Anbiya Hai
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! مسجد سان محبت ڪرڻ ۽ ان جي صاف سٿرائي ۾ حصو وٺڻ ڪيڏو نه پيارو عمل آهي ان جي برڪت سان ان عورت جي جنازي نماز اسان جي پياري آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به پڙهائي.
الله پاڪ اسان کي به عمل جي توفيق عطا فرمائي. ڪاش! اسان به مسجد جي صفائي سٿرائي ڪندا ڪيون. اسان وٽ اڄڪلھ صفائي جي لاءِ خادم رکيا ويندا آهن، هي به درست آهي، جائز آهي، البته جڏهن جڏهن موقعو ملي پاڻ به صفائي جي سعادت حاصل ڪرڻ گهرجي، ڪڏهن مسجد جو صفون ڇنڊيو، ڪڏهن مسجد ۾ ٻهارو لڳايو، موقعو ملي ته مسجد جي وضو خاني ۽ واشروم وغيره جي صفائي ڪرڻ به يقيناً سعادت جي ڳالھ آهي. ان کان گڏوگڏ جيڪڏهن اسان پڪو ذهن بڻايون ۽ توجھ رکندا ڪيون نهايت آساني سان به مسجد جي صفائي جو ثواب ڪمائي سگهون ٿا، مسجد ۾ صفائي جي باوجود به ڪڏهن ڪڏهن ڪک پن رهجي ويندو آهي، توجھ رکو، ڪو ڪک وغيره ڏسو ته کڻي وٺندا ڪيو، منهنجي شيخ طريقت، امير اهل سنت جي عادت ڪريمه آهي ته پاڻ پنهنجي کيسي ۾ ٿيلهي رکندا آهن، جتي ڪو ڪک يا وار وغيره نظر آيو، کڻي ٿيلهي ۾ وجهي ڇڏيندا آهن.[1] هي انداز اختيار ڪري به مسجد جي صفائي جو ثواب ڪمائي سگهجي ٿو. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
مسجد جي حوالي سان الله وارن جي چوٿين چڱي عادت آهي: مسجد جو اَدب ۽ احترام ڪرڻ. هي نهايت ئي ضروري ڳالھ آهي ڇوته مسجد جي بي ادبي جي سبب نيڪيون ضايع ٿيڻ جو سخت انديشو آهي.