Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

اَسْرٰى بِعَبْدِهٖ (پارو:15، سورة بني اسرائيل: 1)

ترجموڪنزالعرفان:پنهنجي خاص ٻانهي کي سير ڪرايو.

هن جاءِ تي لفظِ عبد کان پهريان با زير بِ آهي، هتي هن با جو مطلب آهي: مُصَاحَبَت (يعني رفيق يا ساٿي هجڻ) يعني * هن مبارڪ سفر ۾ الله پاڪ جون خاص عنايتون، مدد ۽ نصرت ۽ لطف ۽ ڪرم معراج جي گهوٽ، سَيد الانبِياء صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم سان گڏ رهيو * الله پاڪ سرڪارِ عالي وقار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي مسجد حرام کان وٺي ويو * پوءِ سڀني مقامات جو سير ڪرائي * قدرت جا عجائبات ۽ نشانيون ڏيکاري * مقامِ دَنيٰ تي فائز ڪري * مَحبوب سان راز ۽ نياز جون ڳالهيون ڪري * اَوَّلين ۽ آخِرين (يعني سڀني اڳين ۽ پوين) جو علم عطا ڪري * حضور                 صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي سلام، رحمت ۽ برڪت جي تحفي سان ۽ امتين جي لاءِ 5 نمازون عطا ڪري خير ۽ خوبي سان واپس مڪي معظمه تائين پهچائي ڇڏيو.([1])  ھن سڄي سفر ۾ پاڻ سڳورا اڪيلا نه هئا، الله پاڪ جون خاص عنايتون هر گهڙي گڏ هيون.

معراج ہوئی تا عرش گئے حق تم سے مِلا تم حق سے مِلے

سب راز فَاَوْحیٰ دِل پہ کُھلے یہ عزت و حشمت کیا کہنا...!! ([2])

غلامانِ مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم تي ڪرم

پيارا اسلامي ڀائرو! الله ڪريم فرمايو: 

لِنُرِیَهٗ مِنْ اٰیٰتِنَا (پارو:15، سورة بني اسرائيل: 1)

ترجموڪنزالعرفان: جيئن اسان ان کي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون.

يعني صاحبِ مِعراج نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي مِعراج ڪرايو


 

 



[1]...تحفۂ معراج النبی،صفحہ:125خلاصۃً۔

[2]...قبالۂ بخشش،صفحہ:85۔