Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
* يا جهنمي هوندو، ٽين صورت نه آهي۔ الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ فرمايو آهي:
فَمِنْهُمْ شَقِیٌّ وَّ سَعِیْدٌ(۱۰۵) فَاَمَّا الَّذِیْنَ شَقُوْا فَفِی النَّارِ لَهُمْ فِیْهَا زَفِیْرٌ وَّ شَهِیْقٌۙ(۱۰۶)
(پارو: 12 ، سورة هُود: 106 - 105)
ترجموڪنزالعرفان: پوءِ انهن ۾ ڪو بدبخت هوندو ۽ ڪو خوش نصيب هوندو۔ پوءِ جيڪي بدبخت هوندا اُهي ته دوزخ ۾ هوندا، اُهي ان ۾ گڏهه وانگر هِينگَندا.
وڌيڪ فرمايائون:
وَ اَمَّا الَّذِیْنَ سُعِدُوْا فَفِی الْجَنَّةِ خٰلِدِیْنَ فِیْهَا(پارو: 12 ، سورة هُود: 108)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اُهي جيڪي خوش نصيب هوندا سي جنت ۾ هوندا۔ هميشہ ان ۾ رهندا.
مطلب ته قيامت جي ڏينهن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام کان وٺي قيامت تائين اچڻ وارا سڀ ماڻهو جيڪي گڏ ٿيندا، انهن جا 2 ئي ٽولا هوندا * هڪڙا اُهي جيڪي شقي آهن * ٻيا اُهي جيڪي سَعِيد آهن۔ جن تي بدبختي غالب اچي وئي ۽ انهن جي لاءِ جهنم جو فيصلو ڪيو ويو ته اهي جهنم ۾ رهندا ۽ جهنم ۾ انهن جو حال هِي هوندو جو اُهي گڏهن وانگر هِينگَندا رهندا. ([1])
۽ جيڪي سعادت مند هوندا، اُهي هميشه هميشه جنت ۾ رهندا ۽ ڪجهه اهڙا گنهگار مسلمان جيڪي پنهنجي گناهن جي ڪري ڪجهه عرصو جهنم ۾ رهندا، پوءِ انهن کي به جنت ۾ داخل ڪيو ويندو. اِها الله پاڪ جي عطا، ان جي عنايت ۽ رحمت آهي جيڪا ڪڏهن به ختم نه ٿيندي. ([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته قيامت جي ڏينهن ٻه ئي صورتون هونديون، يا ته الله پاڪ جي رحمت سان جنت ملندي، يا جهنم ٺڪاڻو هوندو.
الله پاڪ اسان کي جهنم کان بچائي، سوچڻ جي ڳالهه هيءَ آهي ته اسان