Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

بيان ٻڌڻ جون نيتون

حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیَّات (عملن جو دارومدار نيتن تي آهي.)[1](

اي عاشقانِ رسول! سٺين سٺين نيتن سان عمل جو ثواب وڌي ويندو آهي. اچو! بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجهه سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺون، نيت ڪريو! * الله پاڪ جي رضا جي لاءِ بيان ٻڌندس * بَاادب ويهندس * خوب تَوَجُّه سان بيان ٻڌندس * جيڪو ٻڌندس، ان کي ياد رکڻ، پاڻ عمل ڪرڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪندس.

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ رجب شريف جي27 ستاويهين رات آهي، هيءَ اُها ئي مبارڪ رات (Holy night) آهي* جنهن رات جنت سجائي وئي * عرش تي ڌوم مَتِي* زمين تي نُورَ وَسيا * اڄوڪي رات ئي حُورون، غِلْمان ۽ ملائڪ منهنجي آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي استقبال جي لاءِ صَفون ٻڌي بيٺا * الله پاڪ پنهنجي پياري حبيب، مِعراج جي گهوٽَ، اِمامُ الانبياء صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي عرش ۽ ڪرسي جو سير ڪرايو، جنت ڏيکاري ۽ مَا شَآءَ اللہ! سدره ۽ لامڪان، پوءِ ان کان به اڳتي قربِ خاص ۾ گهرائي، پاڻ سان هم ڪلامي جو شَرف عطا فرمايو ۽ سُبْحٰنَ اللہ! مَحبُوبِ مصطفيٰ، سردارِ انبياء صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي عَين بيداري جي حالت ۾، جاڳندڙ اکين سان پنهنجو ديدار به ڪرائي ڇڏيو.

ہیں صَفْ آراء سب حُور  و ملک اور غِلماں خُلد سجاتے ہیں

اِک دُھوم ہے عرشِ اعظم پر مہمان خدا کے آتے ہیں

ہے آج فلک روشن روشن، ہیں تارئے بھی جگمگ جگمگ

محبوب خُدا کے آتے ہیں، محبوب خُدا کے آتے ہیں


 

 



[1]... بخاری، کِتَاب بَدءُ الْوَحی، صفحہ:65، حدیث:1۔