Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

الله پاڪ اسان کي ماهِه رمضان ڏسڻ، ان ۾ خوب روزا رکڻ ۽ خوب عبادت ڪرڻ نصيب فرمائي۔ ماهِه رمضان جي هڪ اهم ترين عبادت اعتڪاف به آهي۔ نفلي اعتڪاف ته ڪنهن به وقت ڪري سگهجي ٿو پر جيڪو اعتڪاف سنتِ مؤڪدہ آهي، اهو صرف رمضان شريف ۾ ئي ٿيندو آهي۔ پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پُوري ماهِه رمضان جو اعتڪاف ڪرڻ به ثابت آهي، جڏهن ته آخري ڏهاڪي جو اعتڪاف ته اسان جي آقا و موليٰ، تاجدارِ انبياء صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کي تمام گهڻو محبوب هو، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم آخري ڏهاڪي جي اعتڪاف جو تمام گهڻو اهتمام فرمائيندا هئا۔ ايتري قدر جو هڪ دفعي ڪنهن سبب جي ڪري رمضان شريف ۾ اعتڪاف نه ٿي سگهيو ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم شوال ۾ اعتڪاف فرمايو. ([1])

اعتڪاف جون فضيلتون

* مسلمانن جي پياري اَمِي جان حضرت عائشه صديقه رَضِیَ اللہُ عنہا کان روايت آهي ته پياري آقا، مڪي مَدَني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ارشاد فرمايو: مَنْ اِعْتَکَفَ اِیْمَاناً وَ اِحْتِسَابًا غُفِرَ لَہٗ مَا تَقَدَّمَ مِنْ ذَنْبِہٖ  يعني جنهن ايمان سان ۽ ثواب حاصل ڪرڻ جي نيت سان اعتڪاف ڪيو ان جا پويان گناهه بخشيا ويندا. ([2]) * هڪ ٻي روايت ۾ آهي: جنهن رمضان شريف ۾ 10 ڏينهن جو اعتڪاف ڪيو اهو ائين آهي ڄڻ اُنَ 2 حج ۽ 2 عمرا ڪيا. ([3])

اجتماعي سنت اعتڪاف جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ للّٰہ! عاشقانِ رسول جي ديني تنظيم سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروف آهي، فيضانِ رمضان حاصل ڪرڻ،


 

 



[1]... بخاری،کتاب الاعتکاف،باب الا عتکاف فی الشوال، صفحہ:533،حدیث:2041۔

[2]...جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8480۔

[3]...جَامِع صغِیر، صفحہ:516، حدیث:8479۔