Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

یارَبّ! نہ ضرورت کے سوا کچھ کبھی بولوں       اللہ! زباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ([1])

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

جنتي  ۽  جهنمي  رُوحَ

معراج شريف جي باري ۾ بخاري شريف جي روايت آهي ته: جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم پهرين آسمان تي تشريف کڻي آيا ته هِتي سندن ملاقات حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام سان ٿي، حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جو آڌُرڀاءُ ڪندي فرمايو: مَرْحَبًا بِالْاِبْنِ الصَّالِحِ وَالنَّبِیِّ الصَّالِحِ يعني صالح پٽ ۽ صالح نبي کي ڀليڪار. ([2]) 

سيدِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ڪجهه ماڻهن کي ڏٺو، جڏهن حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام پنهنجي ساڄي پاسي ڏسي رهيا هئا ته کليا پئي ۽ جڏهن کاٻي پاسي ڏسي رهيا هئا ته رُنا پئي. حضرتِ جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام عرض ڪيو: هنن جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي هي جيڪي صورتون آهن اِهي سندن اولاد آهن، ساڄي پاسي وارا جنتي آهن ۽ کاٻي پاسي وارا جهنمي آهن۔ ([3])

ماڻهن  جا  ٻه ئي قسم  آهن

پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت ۾ به اسان جي لاءِ سبق آهي، ڏسو! حضرت آدم عَلَیْهِ السَّلَام جي سموري اولاد کي 2 حصن ۾ ڏيکاريو ويو آهي، هڪڙا ساڄي پاسي وارا ۽ ٻيا کاٻي پاسي وارا۔ ساڄي پاسي وارا جنتي ۽ کاٻي پاسي وارا جهنمي...!! 

معلوم ٿيو ته اِبنِ آدم جون 2 ئي صورتون آهن * يا ته هُو جنتي هوندو


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:93۔

[2]... بخاری، کتاب مناقب الانصار،باب المعراج، صفحہ:976،  حديث : 3887.   ۔

[3]... بخارى، كتاب الصلاة، باب كيف فرضت   ...الخ،صفحہ:161، حديث :349 ۔