Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

تنهنڪري اِهو سوال جيڪو محبوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم ڪيو، يقيناً اسان کي سيکارڻ جي لاءِ ئي ڪيو، يعني مقصد هي هو ته اي مالڪِ ڪريم! منهنجا اُمَّتي تنهنجو قرب ڪهڙي عمل جي ذريعي حاصل ڪري سگهن ٿا؟ 

الله پاڪ فرمايو: اِجْعَلْ لَيْلَكَ نَهَارًا، وَنَهَارَكَ لَيْلًا يعني اي محبوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! منهنجي قرب حاصل ڪرڻ جو طريقو هي آهي ته پنهنجي رات کي ڏينهُن ۽ ڏينهَن کي رات بڻائي ڇڏيو! 

عرض ڪيائون: يَا رَبِّ!كَيْفَ يَكُونُ ذٰلِكَ؟ يعني اي رَب! اِهو ڪيئن ٿيندو؟ فرمايو ويو: اِجْعَلْ نَوْمَكَ صَلَاةً، وَاجْعَلْ طَعَامَكَ الْجُوعَ  يعني اي محبوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! پنهنجي ننڊ جي جاءِ تي نماز ۽ کاڌي جي جاءِ تي بُکَ رکي ڇڏيو! ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو ته رات جو ننڊ قربان ڪري ٿوري دير جي لاءِ نماز پڙهڻ ۽ ڏينهن جو روزو رکي بُکَ برداشت ڪرڻ الله پاڪ جو قرب حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو آهي

رات جي نماز جي فضيلت

(1) حضرت ابو ہُريرہ رَضِیَ اللہُ عنہ فرمائن ٿا، مون عرض ڪيو: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم مون کي ان شيءِ جي باري ۾ ٻڌايو، جنهن تي عمل ڪري مان جنت حاصل ڪري سگهان۔ فرمايائون: کاڌو کاراءِ، سلام کي عام ڪر، صِلهءِ رحمي ڪر ۽ رات جو جڏهن ماڻهو سمهيا پيا هجن ته (نفلي) نماز پڙهه، تون سلامتيءَ سان جنت ۾ داخل ٿي ويندين. ([2]) (2): الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: جنت ۾ اهڙا بالا خانا آهن، جن جو ٻاهر اندر کان ۽ اندر ٻاهر کان ڏسجندو آهي. هڪ اعرابي اٿي عرض ڪيو: يا رسولَ اللہ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! اُهي ڪنهن جي لاءِ آهن؟ پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: اُهي


 

 



[1]... نادر المعراج، صفحہ:322۔

[2]... مُسنَدِ امام احمد،جلد:4،صفحہ:209، حدیث:8152 ۔