Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

اسان جي اندر به موجود آهن، اسان نيڪيءَ سان ۽ نيڪ ماڻهن سان محبت ڪرڻ وارا آهيون، نيڪ بڻجڻ جي چاهت رکندا آهيون، الله نه ڪري ڪا نيڪي نه ٿي سگهي ته ان محرومي تي ڏُکي به ٿيندا آهيون ته اِها ان ڳالهه جي نشاني آهي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! قيامت جي ڏينهن اسان اهلِ سعادت سان گڏ هونداسين ۽ الله پاڪ چاهيو ته جنت نصيب ٿي ئي ويندي. الله پاڪ اسان کي نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪن سان محبت رکڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔ 

عرش جي نُورَ ۾ ويڙهيل شخص

امام اِبنِ اَبِي دُنيا تمام وڏا مشهور عالِم، مُحَدِث ۽ صُوفي آهن، ٽين صدي هجري جا بزرگ آهن، امام بُخاري رَحمۃُ اللہِ عَلَیْہ جي شاگردن منجهان آهن، انهن هڪ تمام خوبصورت روايت ذڪر ڪئي آهي، لکن ٿا ته جڏهن پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم مِعراج تي تشريف وٺي ويا ته ان دوران پاڻ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم هڪ عجيب منظر ڏٺو، اهو ڪهڙو منظر هو؟ فرمايائون: مان عرش جي نُورَ ۾ ويڙهيل هڪ شخص ڏٺو، مون پڇيو: مَنْ ہٰذَا؟ اَمَلَکٌ؟ هيءُ ڪير آهي؟ ڪو ملائڪ آهي؟ چيو ويو: نه۔ مون چيو: اَ نَبِیٌّ؟ ڇا ڪو نبي آهي؟ چيو ويو: نه۔ مون پڇيو: مَنْ ہُوَ؟ پوءِ هي ڪير آهي؟ جواب مليو (جنهن جو خلاصو هي آهي ته) هي اُهو شخص آهي جنهن جون 3 صفتون آهن: (1): ان جي زبان هميشه ذِکْرُ اللہ سان تَر رهندي هئي (2): هن جي دل مسجد ڏانهن ئي لڳل رهندي هئي (3): ۽ ان جي ڪري ڪڏهن به سندس ماءُ پيءُ کي بُرو ڀلو نه چيو ويو. ([1]) 

پہنچے جب معراج کی شب سرورِ عالم وہاں  دفترِ اسرار بھی کھلتے چلے جائیں جہاں


 

 



[1]... موسوعہ ابن ابی دنیا، کتاب الاولیاء، جلد:6، صفحہ:415، حدیث:95۔