Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
پياري مَحْبُوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم پڇيو: اي جبرائيل! هي ڇا آهي؟ عرض ڪيو ويو: اي مَحْبُوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم! هي اوهان جي امت جا اهي ماڻهو آهن (يعني انهن ماڻهن جو مثال آهي) جيڪي رستن تي ويهندا آهن۔ پوءِ جبرائيل عَلَیْهِ السَّلَام هن آيتِ مبارڪه جي تلاوت ڪئي: ([1])
وَ لَا تَقْعُدُوْا بِكُلِّ صِرَاطٍ تُوْعِدُوْن (سيپارو:8، سورة اعراف: 86)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ هر رستي تي ايئن نه ويهو جو واٽ ويندڙن کي ڊيڄاريو.
پيارا اسلامي ڀائرو! هن روايت ۾ اسان جي لاءِ سبق آهي. ڪيترائي ماڻهو آهن * جيڪي رستن تي ويهي رهندا آهن * شاميانا (Tent) وغيره لڳائي رستو بند ڪري ڇڏيندا آهن * ڪجهه اوباش قسم جا نوجوان ڄاڻي واڻي رستن تي بيٺا هوندا آهن، جنهن ڪري اچڻ وڃڻ وارن کي پريشاني ٿيندي آهي * اهڙي طرح رستن تي گند ڪچرو اڇلائڻ * مِيون جون کَلُون اڇلائڻ * ماڻهن کي غلط رستو ٻڌائڻ وغيره رستي تي ويهي ماڻهن کي تڪليف پهچائڻ جا مختلف انداز آهن. اسان کي اهڙي بدتہذيبي (Indecency) کان هميشه بچڻ گهرجي.
بخاري شريف ۾ آهي: حضرت ابوسعيد خُدري رَضِیَ اللہُ عنہ کان روايت آهي ته آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم (صَحابه ڪِرام رَضِیَ اللہُ عنہم کي) ارشاد فرمايو: توهان رستن تي ويهڻ کان بچو! صَحابه ڪرام رَضِیَ اللہُ عنہم عرض ڪيو: اسان انهن مجلسن ۾ ويهي (ضروري) ڳالهيون ڪندا آهيون ۽ اُهي اسان جي لاءِ ضروري آهن. فرمايائون: جڏهن توهان مجلسن جي لاءِ ويهو ته رستي کي ان جو حق ڏيو۔ عرض ڪيو ويو: رستي جو حق ڪهڙو آهي؟ ارشاد فرمايائون: (1): نگاهون جهڪائي رکڻ (2): تڪليف ڏيڻ واري شيءِ هٽائڻ (3): سلام