Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat
جيڪا ڳالهه ٻولهه ڪري آيو آهيان توهان به نماز ۾ اُهائي ڪندا ڪريو. ([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! دنيا جو دستور آهي ته ماڻهو تحفن جو قدر ڪندا آهن، خاص طور جڏهن تحفو ڪنهن وڏي شخصيت کان مليو هجي ته ان کي سنڀالي رکيو ويندو آهي ۽ پنهنجي قسمت تي ناز ڪيو ويندو آهي۔ ان جي ابتڙ جيڪي ماڻهو تحفن جو قدر نه ڪندا آهن يا تحفو ڏيڻ واري جو شڪريو ادا نه ڪندا آهن ته اهڙا ماڻهو معاشري ۾ سٺي نظر سان نه ڏٺا ويندا آهن۔ مان جنهن تحفي ڏانهن توجهه ڏيارڻ چاهيان ٿو اهو مخلوق جو نه پر خالقِ ڪائنات الله پاڪ جي طرفان ڏنو ويو آهي جيڪو شبِ معراج پياري حبيب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي وسيلي مسلمانن کي عطا ڪيو ويو، هن تحفي کي ٻنهي جهانن جي سردار صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم پنهنجي اکين جي ٿڌاڻ قرار ڏنو آهي.
هاڻي اسان کي غور ڪرڻو آهي ته اسان هِن تحفهءِ معراج جو ڪيترو قدر ڪري رهيا آهيون۔ افسوس! افسوس! اڄڪلهه نماز جي بلڪل پرواهه نه ٿي ڪئي وڃي، مسلمانن جي اڪثريت نمازن کان پري آهي ۽ جيڪي نماز پڙهندا آهن، انهن ۾ به هڪ تعداد اهڙن جو آهي، جيڪي ڪڏهن پڙهندا آهن ڪڏهن نه پڙهندا آهن يا وري ٻه، ٽي يا چار نمازون پڙهندا آهن، پنج پُوريون نه پڙهندا آهن، جيڪي پنج نمازون پڙهندا آهن، انهن ۾ به هڪ تعداد آهي جيڪي جماعت ڇڏي ڏيندا آهن ۽ مسجد ۾ باجماعت نماز ادا نه ڪندا آهن۔ ڪاش! اسان کي هن معراج جي تحفي جو قدر نصيب ٿي وڃي.
اٰمِين بِجَاهِ خَاتَمِ النَّبِيّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! روزو جسماني صحت جو به ضامن آهي ۽ روحاني