Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

جو جواب ڏيڻ (4): نيڪي جو حڪم ڏيڻ ۽ برائي کان روڪڻ. ([1]) 

 معلوم ٿيو ته پهريون حڪم ته هي آهي ته اسان رستن ۾ ويهون ئي نه، پر جيڪڏهن ڪنهن ضرورت سبب ٻاهر گهٽِي وغيره ۾ ويهڻو پئجي وڃي ته لازمي آهي ته رستي جا هي 4 حق ادا ڪريون (1): پنهنجون نظرون جهڪائي رکون، اچڻ وڃڻ وارن کي نه گهُوريون، ماڻهن جي گهرن ۾ جهاتي نه پايون ۽ گهٽيءَ مان گذرڻ وارين عورتن کي تڪليف نه ٿئي، ان جو خاص خيال رکون (2): رستي ۾ ڪا تڪليف ڏيندڙ شيءِ پئي هجي، مثلاً ڪو پٿر رستي ۾ پيو آهي، ڪو ٿاٻڙجي ڪِري سگهي ٿو، ڪيلي جي کَلَ پئي آهي، ان تي پير اچي وڃي ته ماڻهو انتهائي خراب نموني ترڪي پوندو آهي، اهڙي طرح ڪا به تڪليف ڏيڻ واري شيءِ هجي ته ان کي هٽائي ڇڏيون (3): رستي تان گذرڻ وارن کي سلام به ڪيون ۽ جيڪڏهن ڪو اسان کي سلام ڪري ته ان جو جواب به ضرور ڏيون (4): ۽ چوٿون حق هي ته نيڪيءَ جي دعوت عام ڪريون۔ مثلاً اسان گِهٽِيءَ ۾ آهيون ۽ ڪنهن کي ڪو غلط ڪم ڪندي ڏسون ته حڪمت عملي سان، پيار ۽ محبت سان کيس سمجهايون، اچڻ وڃڻ وارن کي موقعي جي مناسبت سان نيڪيءَ جي دعوت ڏيندا رهون. اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! ضرورت تحت رستي ۾ ويهڻ به نيڪين سان ڀرپور ٿي ويندو. 

الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي۔

اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔  

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                              صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

ننڍڙو پٿر ۽ وڏو ڏاندُ

مسجدِ اقصيٰ ويندي، رسولِ ذيشان، مڪي مدني سلطان صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم هڪ منظر هي به ڏٺو ته هڪ ننڍڙو پٿر آهي، ان جي اندران هڪ تمام وڏو ڏاند


 

 



[1]... بخاری، کتاب الاستئذان، صفحہ:1542، حدیث:6229۔