Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

نڪتو، پوءِ اهو ڏاند ٻيهر ان ئي پٿر ۾ واپس وڃڻ جي ڪوشش ڪرڻ لڳو پر اهو (انهي پٿر مان نڪرڻ وارو ڏاند) واپس ان جي اندر نه وڃي سگهيو.  پڇڻ تي ٻڌايو ويو ته هي اُهو شخص آهي، جيڪو وڏيون وڏيون ڳالهيون ڪندو آهي پوءِ انهن تي شرمنده ٿيندو آهي پر پنهنجي زبان مان نڪتل انهن لفظن کي واپس موٽائڻ جي طاقت وٽس نه هوندي آهي. ([1])

بغير سوچڻ ۽ سمجهڻ جي ڳالهائڻ  جو  وبال

پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي ڳالهه ته سچي آهي، جيڪا ڳالهه زبان مان هڪ دفعو نڪري وئي، سا نڪري وئي، هاڻي ان کي واپس نه ٿو موٽائي سگهجي. حيرت نه پر عبرت (lesson) جي ڳالهه اِها آهي ته زبان آهي ته ننڍڙي پر ان مان ڳالهيون ايڏيون ته وڏيون وڏيون نڪري وينديون آهن جو جان جي لاءِ آزار بڻجي وينديون آهن. تنهنڪري عقلمند اهوئي آهي جيڪو سوچي سمجهي ڳالهائي. بغير سوچڻ جي  ڳالهائڻ وارو اڪثر ڪري نقصان ئي کڻندو آهي. اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم فرمايو: ماڻهو(نيڪيون ڪندي ڪندي) جنت جي ويجهو ٿيندو ويندو آهي، ٿيندو ويندو آهي، ايسيتائين جو ان جي ۽ جنت جي وچ ۾ هڪ هٿ جيترو فاصلو رهجي ويندو آهي، پوءِ اهو ٻانهو پنهنجي زبان مان ڪو اهڙو لفظ ڪڍندو آهي، جنهن سبب کيس جنت کان پري ڪيو ويندو آهي. ([2])

بَکْ بَکْ کی یہ عادَت نہ سرِ حشر پھنسا دے       اللہ! زباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ

ہر لفظ کا کس طرح حساب آہ! میں دُوں گا اللہ! زباں کا ہو عطا قفلِ مدینہ([3])

زبان  زهرِيلي  نانگَ  مثل  آهي

ڪُل تقريباً 18 هزار عالَم (يعني جهان) آهن، خواب به هڪ جَهانُ آهي، جنهن کي عالَمِ رُؤيَا سڏيو ويندو آهي۔ عالَمِ رؤيا (يعني خواب) ۾ اسان جي زبان


 

 



[1]... سبل الہدی ، جماع ابواب معراجہ، الباب الثامن...الخ، جلد:3، صفحہ:82۔

[2]... مسند امام احمد،مسند الانصار،جلد:9 ،صفحہ: 469 ،حديث:23843۔

[3]... وسائلِ بخشش، صفحہ:93۔