Safar e Meraj Ke Waqiat

Book Name:Safar e Meraj Ke Waqiat

۾ فرمائن ٿا ته: هن آيت ۾ بٰرَکْنَا حَوْلَہ تائين فرشي مِعراج يعني بيت المقدس تائين جو ذڪر آهي ۽ 

لِنُرِیَهٗ مِنْ اٰیٰتِنَا (پارو:15، سورة بني اسرائيل: 1)

ترجموڪنزالعرفان: جيئن اسان ان کي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون.

۾ آسماني معراج جو ذڪر آهي (ته اسان پنهنجي محبوب صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي معراج ڪرايو ته جيئن انهن کي زمين ۽ آسمان وغيره ۾ پنهنجون نشانيون ڏيکاري ڇڏيون) ۽ آيت جي هن حصي: 

اِنَّهٗ هُوَ السَّمِیْعُ الْبَصِیْرُ(۱) (پارو:15، سورة بني اسرائيل: 1)

ترجموڪنزالعرفان: بيشڪ اُهوئي ٻڌڻ وارو ڏسڻ وارو آهي.

۾ لامڪاني معراج جو ذڪر آهي، هن جملي جو مطلب هي آهي ته بيشڪ اُهي محبوب ٻانها (يعني رسولِ خدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم) ئي ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وارا آهن، يعني قدرت جي انهن نشانين کي ڏسڻ ۽ الله پاڪ جي ديدار جو تاب برداشت ڪرڻ جي طاقت صرف انهن ۾ ئي آهي، تنهنڪري معراج انهن ئي کي ڪرايو ويو. ([1]) 

معراج جي سفر جي هڪ حڪمت

الله پاڪ، محبوبِ ربِ اڪبر، شاههِ خشڪ و تر صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم جي سفرِ مِعراج جي هڪ حڪمت بيان ڪندي فرمايو: 

لِنُرِیَهٗ مِنْ اٰیٰتِنَا(پارو:15، سورة بني اسرائيل: 1)

ترجمو ڪنزالعرفان: جيئن اسان ان کي پنهنجون عظيم نشانيون ڏيکاريون.

يعني الله ڪريم پنهنجي محبوب نبي، رسولِ هاشمي صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي معراج ان ڪري ڪرايو ته جيئن پاڻ ڪريم صَلَّی اللہُ عَلٰیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّم کي پنهنجيون نشانيون ۽ قدرت جا عجائبات ڏيکاريا وڃن. 


 

 



[1]... نور العرفان، پارہ :15،سورۂ بنی اسرائیل ،زیرآیت :1،صفحہ:339بتغیر قلیل  ۔